ڏهرڪي ڀرسان زمين جي مالڪي تان جهيڙي ۾ نوجوان قتل، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

ڏهرڪي (ويب ڊيسڪ) ڏهرڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙي ۾ نوجوان مارجي ويو.
ڏهرڪي جي جيوڻ ڪوڀر ۾ ڪوڀر برادري ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ نوجوان فرمان علي ڪوڀر مارجي ويو.
مارجي ويل نوجوان جي وارثن لاش نيشنل هاءِ وي تي رکي ڌرڻو هنيو، جتي ڊي ايس پي اوٻاوڙو پهچي وارثن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.