ڪراچي: بدفعلي کانپوءِ نوجوانن جون وڊيوز ٺاهي بليڪ ميل ڪندڙ 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي تيموريا ۾ نوجوانن سان بدفعلي کانپوءِ انهن جون وڊيوز ٺاهي بليڪ ميل ڪندڙ 5 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب گروهه جي جوابدارن کي 15 سالن جي نينگر جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو، جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران وڌيڪ نوجوانن کي بليڪ ميل ڪرڻ جو به اعتراف ڪيو، گرفتار جوابدار امتياز وٽان بدفعلي جون ڪيتريون ئي وڊيوز به هٿ آيون.
پوليس ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن ۾ عمران، جميل، امتياز، جهانزيب ۽ منصور شامل آهن، انهن خلاف ضابطي جي ڪارروائي عمل ۾ آڻي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.