توانائي بچت لاءِ مارڪيٽن جا نوان وقت جاري

لاهور (ويب ڊيسڪ) سموگ ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي خاتمي ۽ توانائي بچت لاءِ ضلعي انتظاميا ڪمرشل مارڪيٽن جا نوان وقت جاري ڪري ڇڏيا.
ضلعي انتظاميا لاهور طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڪمرشل ۽ هول سيل مارڪيٽون ڇنڇر کان سومر رات 10 وڳي تائين کليل رهنديون، ڪمرشل مارڪيٽون آچر تي منجهند 2 وڳي کان رات 10 وڳي تائين کليل رکي سگهبيون.
نوٽيفڪيشن موجب ريسٽورنٽس، هوٽلز ۽ ڪافي شاپس سومر کان خميس رات 11 وڳي تائين کلي سگهندا، جڏهن ته جمعي کان آچر تي رات 12 وڳي تائين کليل رکڻ جي اجازت هوندي.
ان کانسواءِ کاڌي پيتي جي هوم ڊليوري جا وقت رات 12 لڳي 30 منٽن تائين ڪيا ويا آهن، ميڊيڪل اسٽورن، ليبارٽرين، پيٽرول پمپن ۽ سي اين جي اسٽيشنز تي ڪا پابندي نه هوندي، جڏهن ته کير جا دڪان، تندور ۽ پنڪچر وارا به کليل رهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.