ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ سي اي او مونس علوي ڪراچي وارن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن انهن بل نه ڀريو ته بجلي ڪاٽي ويندي.
مونس علوي ڪراچي ۾ عملي تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته پرتشدد واقعن وارو علائقو ڊگهو عرصو بجلي بندش کي منهن ڏئي سگهي ٿو.
هن چيو ته بجلي جو اگهه وفاقي حڪومت طئي ڪندي آهي، ڪي اليڪٽرڪ جو ان سان ڪو واسطو ناهي، جيڪڏهن بل ادا نه ڪيا ويا ته بجلي ڪاٽي سگهون ٿا.
سندس چوڻ هو شهري بل نه ڀريندا ته ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي ٺاهڻ جي صلاحيت گهٽجي سگهي ٿي ۽ اهڙن واقعن جو نقصان ڪراچي کي بجلي جي پيداوار جي کوٽ جي صورت ۾ ٿي سگهي ٿو.
مونس الاهي چيو اسان کي خبر آهي ته بجلي جا اگهه وڌڻ تي عوام خوش ناهي پر پرتشدد واقعن سان صورتحال ۾ قطعي بهتري نه ايندي، بل نه ڀرڻ مسئلي جو حل ناهي، معاشري ۾ چوري جهڙي خراب عمل جي ڪا گنجائش موجود ناهي.
Prev Post
You might also like