سام سنگ جو گيليڪسي زي فولڊ 5 متعارف

سمارٽ فون ٺاهيندڙ ڏکڻ ڪورين ڪمپني ”سام سنگ“ طرفان سام سنگ گيليڪسي زي فولڊ 5 متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان نئين فون جي موبائل مووي ٿيٽر جهڙي وڏي اسڪرين ۾ گيمنگ ڊوائيس کانسواءِ ڪيترائي انوکا فيچرز شامل ڪيا ويا آهن.

سام سنگ گيليڪسي زي فولڊ 5 جو اهو فون طاقتور ترين آهي، جنهن جي مين اسڪرين 7.6 انچن جي آهي.

اها فولڊ ايبل فون آئسي بلو، فينٽم بليڪ ۽ ڪريم ڪلر ۾ دستياب آهي.

پر ان فون سان گڏ پين موجود ناهي، واهپيدارن کي گيليڪسي زي فولڊ 5 خريد ڪرڻ کان پوءِ ان جي پين ڌار خريد ڪرڻي پوندي.

ان ۾ فرنٽ ۽ بيڪ سوڌو 6 ڪيمراز لڳل آهن، زي فولد 5 فرنٽ اسڪرين ۾ 10 ميگا پڪسل ڪيمرا آهي، مين اسڪرين جي اندر لڪيل ڪيمرا 4 ميگا پڪسل جي آهي.

موبائل فون جي بيڪ تي 50 ميگا پڪسل وائيڊ ڪيمرا، 12 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ ڪيمرا ۽ 10 ميگا پڪسل ٽيلي فوٽو ڪيمرا سان ليس آهي.

فون جي اسڪرين ۾ جديد ٽيڪنالوجي ۽ فيچرز جو استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو فون کي هيڏانهن هوڏانهن ڪرڻ سان اسڪرين کي ڦرڻ نٿا ڏين.

ان کانسواءِ اهو وزن ۾ هلڪو ۽ سنهڙو آهي.

گيليڪسي زي 5 کي 12 جي بي ريم کانسواءِ 256 ۽ 512 جي بي ميموري سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي.

ان جي بيٽري 4400 ايم اي ايڇ آهي، ان کي چارج ڪرڻ کان پوءِ 73 ڪلاڪن تائين گيت ٻڌي سگھو ٿا يا 21 ڪلاڪن تائين وڊيوز ڏسي سگھو ٿا.

ان فون جي قيمت 5 لک 99 هزار 999 رپيا رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.