”ڪجهه مهينن ۾ بجلي جي قيمت 85 رپيا في يونٽ تائين وڌي ويندي“

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عمر ايوب چيو آهي ته ڪجهه مهينن ۾ بجلي جو اگهه تقريبن 85 رپيا في يونٽ تائين وڌي ويندو.
پنهنجي بيان ۾ اڳوڻي توانائي واري وزير عمر ايوب چيو ته بجلي جي وڌندڙ اگهن جون ذميوار ن ليگ ۽ پي ڊي ايم آهن، ن ليگ مهانگي درآمدي توانائي تي ڀاڙيو.
هن چيو ته پيدا ٿيندڙ 70 سيڪڙو بجلي جو دارومدار ٻارڻ تي آهي، رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ٻارڻ جي اگهن ۾ ايڊجسٽمينٽ کي وڌائي رهي آهي، ٽيڪ اينڊ پي ڪنٽريڪٽس سبب ادائيگي هن سال ٻه هزار بلين رپين کي ڇُهي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ بجلي جي قيمت 16 رپيا في يونٽ هئي، 15 مهينن ۾ 325 سيڪڙو واڌ سان هاڻ تقريبن 68 رپيا في يونٽ آهي، عوام ياد رکي ته ن ليگ، پي ڊي ايم حڪومت مهانگائي، بجلي جي انتهائي بلند بلن کي جنم ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.