ن ليگ چونڊ مهم ڪيئن هلائيندي؟ لنڊن ميٽنگ جي اندروني ڪهاڻي

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ چونڊ حڪمت عملي لاءِ لنڊن ميٽنگ ۾ اهم فيصلا ڪري ورتا.
پارٽي ذريعن موجب ايندڙ عام چونڊن ۾ ن ليگ جارحاڻو انداز اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، چونڊ مهم ۾ ڪجهه اهم شخصيتن کي نشانو بڻايو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مريم نواز چونڊن کان اڳ اهم شخصيتن کي هدف بڻائيندي انهن جون ڳجهيون آڊيوز عوام سامهون آڻيندي، مهم نواز شريف جي ڏيهه واپسي کان اڳ سوشل ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي ڀرپور نموني هلائي ويندي.
پارٽي ذريعن موجب لنڊن ۾ ميٽنگ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اڳوڻو وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز عوامي ميڙاڪن مصالحتي رويو اختيار ڪندا، جڏهن ته اتحاد يا سيٽ ايڊجسٽمينٽ جو فيصلو نواز شريف ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.