اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر عنايت انڪشاف ڪيو آهي ته ماڻهن ڊالر خريد ڪري گهرن ۾ رکي ڇڏيا آهن، ڊالر جي ڊيمانڊ وڌڻ سبب رپئي جو قدر گهٽيو آهي.
سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي ڊپٽي گورنر ڊاڪٽر عنايت حسين ٻڌايو ته ڊالر ڪنٽرول ڪرڻ ۾ وقت لڳي سگهي ٿو، ڊالر جي ڊيمانڊ وڌڻ سبب رپئي جو قدر گهٽجي ويو آهي.
هن انڪشاف ڪيو ته ماڻهن ڊالر خريد ڪري گهرن ۾ رکي ڇڏيا آهن ۽ درآمدون وڌڻ سبب ايل سيز کولڻ لاءِ ڊالر جو اگهه وڌيو.
سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف پروگرام باوجود رپئي جي قدر ۾ استحڪام ناهي آيو، صورتحال اها ٿي چڪي آهي ته ماڻهو رپئي بدران ڊالر خريد ڪري رهيا آهن.
Prev Post
You might also like