ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٻاهرئين قرض جي ادائيگي کانپوءِ اسٽيٽ بئنڪ جا ذخيرا 8 ارب ڊالرن کان هيٺ اچي ويا.
اسٽيٽ بئنڪ جي هفتيوار رپورٽ موجب هڪ هفتي ۾ ٻاهرئين قرض جي مد ۾ 12 ڪروڙ 50 لک ڊالرن جي ادائيگي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ ذخيرا گهٽجي 7 ارب 93 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا.
مرڪزي بئنڪ موجب ڪمرشل بئڪن جا ذخيرا 60 لک ڊالر گهٽتائي سان 5 ارب 31 ڊالر رهجي ويا آهن.
ملڪي مجموعي ذخيرا 13 ڪروڙ 10 لک ڊالر گهٽجي 13 ارب 24 ڪروڙ ڊالر رهجي ويا آهن.
Prev Post
Next Post
You might also like