سرڪاري ملازمن جا ٺَٺ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ريلوي ملازمن جو هفتي ۾ 5 ڏينهن ڪم ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
پاڪستان ريلوي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان ريلوي ملازم هفتي ۾ 5 ڏينهن ڪم ڪندا، پاڪستان ريلوي جون آفيسون صبح ساڍي 7 وڳي کلنديون ۽ ساڍي 3 وڳي بند ٿينديون.
نوٽيفڪيشن موجب جمعي ڏينهن هڪ کان ڏيڍ وڳي تائين نماز جو وقفو هوندو.
واضح رهي ته اڳوڻي ريلوي واري وفاقي وزير خواجا سعد رفيق ريلوي ملازمن جي ڇنڇر جي موڪل بند ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.