لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ايشين گيمز لاءِ پاڪستان اي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي سي بي تصديق ڪئي آهي ته آل رائونڊر قاسم اڪرم چين جي شهر هانگزو ۾ شيڊيول 18 هين ايشين گيمز ۾ پاڪستان اي جي قيادت ڪندو، ايونٽ 28 سپٽيمبر کان ست آڪٽوبر تائين ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ کيڏيو ويندو.
20 ورهين جي قاسم اڪرم هينئر تائين ويهه فرسٽ ڪلاس ميچن ۽ چاليهه ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن هن 2022ع ۾ آءِ سي سي انڊر 19 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان انڊر 19 جي ڪپتاني پڻ ڪئي هئي.
🚨 Qasim Akram to lead Pakistan Shaheens in the 19th Asian Games, set to take place in Hangzhou, China 🏏
Read more ➡️ https://t.co/dEgBl54Xvx pic.twitter.com/iqYnYm2m7G
— Pakistan Cricket (@TheRealPCB) August 24, 2023
ايشين گيمز لاءِ اعلانيل اسڪواڊ قاسم اڪرم ڪپتان، عامر جمال، ارشد اقبال، آصف علي، حيدر علي، ۽ خوشدل شاهه شامل آهن.
انکانسواءِ محمد حسنين، شاهنواز ڏاهاڻي، عثمان قادر، عرفات منهاس، عمر بن يوسف، روحيل نظير، ۽ سفيان مقيم ۽ ٻيا شامل آهن.
ميگا ايونٽ جي اصولن موجب، پاڪستان اي ٽي کان چار آڪٽوبر تي ٿيندڙ ڪوارٽر فائنل مرحلي کان ايونٽ ۾ شرڪت ڪندي، سيم فائنل ڇهه آڪٽوبر تي کيڏيو ويندو جڏهن ته فائنل ست آڪٽوبر تي ٿيندو.