ڪنهن ڊيزائنر ڪپڙا نه ٺاهيا، مرداڻو لباس پائڻو پيو: سلميٰ هائيڪ

 

لاس اينجلس (ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا سلميٰ هائيڪ سڄي دنيا ۾ پنهنجي ٽئلينٽ ۽ بهترين اداڪاري سبب شهرت رکي ٿي.

1990 ۽ 2000 جي شروعات ۾ هن ڪيترين ئي سپر هٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو.

تازي گفتگو ۾ سلميٰ هائيڪ انڪشاف ڪيو ته ڪيريئر جي شروعات ۾ مون کي پنهنجا ڪپڙا ڊيزائن ڪرڻ لاءِ ڪو برانڊ نه ملندو هو.

هن چيو ته 1996 ۾ هڪ فلم جي پريميئر ۾ مون کي مرداڻو لباس پائڻو پيو، ڇو ته ڪنهن ڊيزائنر مون لاءِ لباس تيار نه ڪيو هو.

سندس موجب منهنجي واحد سڃاڻپ ”هوگو باس“ برانڊ ۾ هڪ عهديدار سان هئي، جنهن مون کي سٺو مرداڻو لباس پائڻ لاءِ ڏنو، ڇو ته ڪو به ڊيزائنر مون لاءِ ڪپڙا ٺاهڻ ۾ دلچسپي نه رکندو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.