سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا واڌ، غريب سان گڏ امير جي پهچ کان به پري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 4 هزار 600 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 34 هزار 500 رپيا ٿي وئي آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 944 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک هڪ هزار 46 رپين جو ٿي ويو آهي.

هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 10 ڊالر واڌ سان 1901 ڊالر في اونس آهي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن به سون جي اگهه ۾ 3 هزار 100 رپين جي واڌ ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.