پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اهم معاهدي تي صحيحون

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايوي ايشن شعبي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، ٻنهي ملڪن ايئر سروس معاهدي تي صحيحون ڪري ڇڏيون.

ڊي جي پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي ۽ سعودي جنرل اٿارٽي آف سول ايوي ايشن جي صدر ايئر سروس ايگريمينٽ تي صحيحون ڪري ڇڏيون.

ترجمان موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايئر سروس معاهدي تي صحيحن جي تقريب هوابازي واري وزارت جي آفيس ۾ ٿي.

هوابازي واري وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته ايئر سروس معاهدي سان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي هوا بازي جي شعبي کي هٿي ملندي، معاهدي سان ٻنهي ملڪن جي واپار ۽ معاشي ترقي کي به هٿي حاصل ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.