نڪاح جي رات ڇا ٿيو هو؟ ڪرن اشفاق وڏو انڪشاف ڪري ڇڏيو

 

پاڪستاني اداڪار عمران اشرف جي اڳوڻي گهرواري ماڊل ۽ اداڪارا ڪرن اشفاق انڪشاف ڪيو آهي ته نڪاح واري رات ئي سوشل ميڊيا تان شادي کان اڳ جون تصويرون ڊليٽ ڪرايون ويون هيون.

ڪرن اشفاق تازو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي سوال جواب جو هڪ سيشن رکيو، جنهن ۾ سوشل ميڊيا واهپيدارن کانئس مختلف سوال ڪيا.

ڪجهه مداحن اداڪارا کان انتهائي ذاتي نوعيت جا سوال به ڪيا، جنهن جو ڪرن اشفاق ڀرپور جواب ڏنو.

هڪ مداح ڪرن کان پڇيو ته توهان شادي کان اڳ جون تصويرون ڇو ڊليٽ ڪيون؟ ان تي عمران اشرف جي اڳوڻي گهرواري چيو ته نڪاح جي رات ئي مون کان شادي کان اڳ جون سموريون تصويرون ڊليٽ ڪرايون ويون هيون.

هڪ ٻئي واهپيدار سوال ڪيو ته توهان انسٽاگرام تي اڃا تائين عمران اشرف کي فالو ڪندا آهيو؟ جواب ۾ ڪرن چيو ڇو ته طلاق جي ڪاغذن تي اهو ناهي لکيل ته ان فالو ڪري بلاڪ ڪرڻو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ ڪرن اشفاق انڪشاف ڪري چڪي آهي ته هن عمران اشرف کان طلاق نه ورتي پر کيس طلاق ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.