واهپيدارن لاءِ بُري خبر، ٽوئيٽر پوسٽن تان تصويرون ۽ لنڪون گم ٿيڻ لڳيون!

ڪئليفورنيا ( ويب ڊيسڪ ) ايڪس ( ٽوئيٽر جو نئون نالو ) مان ظاهري طور ڪنهن ٽيڪنيڪي خامي سبب ڊسمبر 2014ع کان اڳ پوسٽ ڪيل تصويرون ڊليٽ ٿي ويون آهن.

اِهو انڪشاف ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن ويهه آگسٽ تي ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ هڪ پوسٽ ۾ مڃيو ته سندس سوشل ميڊيا پليٽ فارم شايد ناڪام ٿي وڃي.

هن ان پوسٽ ۾ چيو ته اِها افسوسناڪ حقيقت آهي ته هاڻي سٺا سوشل ميڊيا نيٽ ورڪس موجود ناهن، ٿي سگهي ٿو ته اسان به ناڪام ٿي وڃون جيئن ڪيئي ماڻهو اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن، پر اسان ان کي بهتر بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين.

ان پوسٽ کان اڳ ٽوئيٽر ۾ هڪ امڪاني ٽيڪنيڪي خامي جو انڪشاف ٿيو هو جنهن سبب ڊسمبر 2014 کان اڳ پوسٽ ڪيل تصويرون ۽ لنڪس ايڪس پليٽ فارم تان گم ٿي ويا آهن.

انهن پوسٽن ۾ تصويرون ۽ وڊيوز بدران بروڪن لنڪس نظر اچي رهيا آهن.

ڪيئي واهپيدارن ان جو اظهار ڪيو پر هڪ صارف ٽام ڪوٽيس سڀ کان پهريان ان جي نشاندهي ڪئي هئي.

حقيقت ۾ ٽام ڪوٽيس هڪ پوسٽ ۾ چيو هوته اِهو ايلون مسڪ طرفان بچت مهم جو حصو آهي.

ٻئي پاسي ايڪس يا ايلون مسڪ طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.