جيڪڏهن اوهان سان هي 5 مسئلا آهن ته ڀُل ۾ به کير نه پيئو

کير بابت چيو ويندو آهي ته اهو هڪ مڪمل خوراڪ آهي خاص ڪري عورتن ۽ ٻارن لاءِ تنهنڪري ان کي ضروري غذا قرار ڏنو ويندو آهي. کير ۾ موجود غذا جسم ۾ ضروري ڪيلشيئم ۽ پوٽاشيم، بي 12، ۽ وٽامن ڊي فراهم ڪندي آهي اهي ٻين غذائن ۾گھٽ هونديون آهن. کير وٽامن اي، ميگنيشيئم ۽ زنڪ جو هڪ سٺو ذريعو به آهي. ان ۾ پروٽين به موجود آهي. جسم کي غذائيت فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ اهو ڪيترين ئي سنگين بيمارين جي خطري کي گھٽائڻ ۾ به مدد ڪندو آهي. کير پيئڻ سان ڪيترائي مسئلا به ختم ٿي ويندا آهن. کير ۾ موجود ميگنيشيم ۽ ڪئلشيم هڏن کي مضبوط بڻائيندو آهي. ان سان گڏ اهو هڏن بابت ڪيترائي مسئلا ختم ڪرڻ ۾ به فائديمند اهي.

ان سان گڏ اهو ٻارن جي جسماني واڌ ويجهه ۽ ڏندن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ به گھڻو ضروري آهي. ان ڪري گھڻا ماهر هر عمر جي ماڻهن کي روز کير پيئڻ جو مشورو ڏيندا اهن. پٺن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ کير جو استعمال به گھڻو ضروري آهي.

پر ڇا هر هڪ لاءِ کير جو استعمال ڪرڻ ممڪن آهي؟ جي نه، ماهرن موجب ائين ناهي جو ڪجهه ماڻهن لاءِ کير پيئڻ خطرناڪ به ثابت ٿي سگھي ٿو. صحت جو ڪجهه اهڙيون حالتون آهن جن ۾ جيڪڏهن کير پيتو وڃي ته فائدي بدران نقصان جو سبب بڻجندو آهي. هتي اسان اوهان کي 5 اهڙن ئي صحت جي مسئلن بابت ٻڌائي رهيا آهيون. جن ۾ کير پيئڻ سان اوهان جي حالت خراب ٿي سگھي ٿي.

جيڪڏهن جسم ۾ سوڄ هجي ته

ماهرن موجب جيڪڏهن شخص جي جسم ۾ سوڄ يا انفيڪشن جو مسئلو آهي ته کير پيئڻ سندس صحت کي خراب ڪري سگھي ٿو. ان جو سبب اهو آهي جو سيچوريٽڊ سڻڀ هوندو آهي.  اهو سڻڀ جسم ۾ لپڊ پولي سيڪرائڊز نالي سوڄ جي ماليڪيولز جي جذب ڪرڻ کي وڌائيندو آهي. جنهن سبب اهو سوڄ کي وڌائيندو آهي.

جيڪڏهن جيري جي ڪا خرابي آهي ته

جيڪڏهن ڪو شخص جيري بابت مسئلن جهڙوڪ فيٽي ليور ۽ جيري جي سوڄ جو شڪار آهي ته ان کي کير پيئڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن اوهان پير پيئندا آهيو ته اوهان جو جيرو کير کي صحيح طريقي سان هضم ناهي ڪري سگهندو، جنهن سان جيري ۾ سوڄ جو مسئلو وڌي سگھي ٿو، ان کانسواءِ کير ٺيڪ سان هضم نه ٿيڻ سبب پيٽ جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن.

پي سي اوز وارا پري رهن

کير پئيڻ پي سي او يا هارمونل عدم نوازن بابت ٻين مسئلن ۾گھڻو نقصان ڏيندڙ ٿي سگھي ٿو. ڇو جو کير پيئڻ سان جسم ۾ اينڊروجن ۽ انسولين جي سطح وڌي ويندي آهي. جيڪي عورتون پي سي اوز جو شڪار آهن، جيڪڏهن اُهي ڊيري شين جو استعمال ڪنديون آهن ته انهن سان سندن جسم ۾ انسولين ۽ هارمونل جي سطح متاثر ٿيندي آهي. جيڪڏهن اوهان هارمونل عدم توازن جي مسئلن جو شڪار آهيو ته کير پيئڻ کان پاسو ڪيو يا ان کي گھٽ کان گھٽ استعمال ڪيو.

جيڪڏهن اوهان کي کير کان ايلرجي آهي ته

ڪجهه ماڻهن کي کير کان ايلرجي هوندي آهي. اهي ماڻهو جڏهن به کير پيئندا آهن ته سندن طبيعت خراب ٿيڻ لڳندي آهي يا سندن جسم ۾ ايلرجي جو ردعمل ٿيندو آهي. کير جي ايلرجي جي ان مسئلي کي ليڪٽوز عدم برداشت چيو ويندو آهي. انهن ماڻهن کي کير ۾ موجود کنڊ جنهن کي ليڪٽوز به چيو ويندو آهي ان کي هضم ڪرڻ ۾ پريشاني ٿيندي آهي. جيڪڏهي اِهي ماڻهو کير پيئندا آهن ته انهن ۾ گيس، ڊائريا ۽ پيٽ ڦوڪجڻ جهڙا مسئلا پيدا ٿيندا آهن. انهن کي کير نه پيئڻ گھرجي.

پيٽ خراب هجي ته

جيڪڏهن ڪو شخص پيٽ بابت مسئلن جهڙوڪ پيٽ ۾ گيس، قبض، پيٽ ڦوڪجڻ وغيره ۾مبتلا آهي.

تنهنڪري کير پيئڻ علامتن کي وڌيڪ شديد بڻائي سگھي ٿو. ان ڪري ڪوشش ڪيو ته پيٽ خراب هجڻ تي کير نه پيئو. ڇو جو اهو اوهان جي معدي کي وڌيڪ اپ سيٽ ڪري سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.