مرداڻي مسئلن جا پنج بنيادي سبب ۽ سولا حَل

عالمي ليول تي مختلف مسئلن سميت مرداڻا مسئلا به ڳڻتي جوڳي حد تائين وڌي ويا آهن جنهن سان انسان جو وجود خطرن ۾ پئجي ويو آهي. هڪ رپورٽ موجب گذريل پنجاهه سالن ۾ مردن جي اسپرم ڪائونٽ ۾ ايڪونجاهه سيڪڙو تائين گهٽتائي ٿي وئي آهي.

اڻويهه سئو ستر ۾ مردن جي في مِلي ميٽر سِيمن ۾ هڪ سئو هڪ ملين ريپروڊڪٽِو سيلَ موجود هئا جيڪا هاڻي ڪِري اڻونجاهه ملين تي وڃي پهتا آهن.

نه رڳو مقدار انهن جو مقدار گهٽيو آهي پر موجود سيلز جي خاصيتن ۾ به وڏي گهٽتائي آهي جيڪا ڪيترن ئي سالن کان لڳاتار گهٽبي پئي وڃي. ماهرن مردن جي صحت واري انهن انگن اکرن کي انتهائي ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو آهي.

ماهرن چيو ته اهو انتهائي ڳڻتي جوڳو عمل آهي جنهن ۾ لڳاتار واڌ ٿيندي نظر اچي ٿي پر اهو اندازو نٿو لڳائي سگهجي ته ان جو انت ڪٿي ٿيندو.

وڏي پيماني تي وڌندڙ ان مسئلي جي حوالي سان ماهرن اهڙا پنج سبب ٻڌايا آهن جيڪي ان مسئلي جڙ ٿي سگهن ٿا، نه رڳو اهي سبب ٻڌايا ويا آهن پر ماهرن انهن مان جند ڇڏائڻ جو طريقو به ڏسيو آهي.

1-ٿولهه

جيڪڏهن توهان جو وزن گهڻو آهي ته توهان جي مرداڻي صحت متاثر ٿي سگهي ٿي، ٿولهه جي ڪري ايڊيپوز ٽشوز جي پيدا ٿيڻ ۾ واڌ ٿيندي آهي جنهن مان اهڙو مواد خارج ٿيندو آهي جيڪو ٽيسٽاسٽيرون نالي هارمون کي سِڌيءَ ريت متاثر ڪندو آهي جيڪو اسپرم ٺاهڻ ۾ سڀ کان اهم هارمون آهي.

ٿولهه جي ڪري آڪسيڊيٽو سٽريس به وڌندو آهي جنهن جي ڪري جسم ۾ موجود سيل (گهرڙا)متاثر ٿيندا آهن. ان سان گڏ مرداڻي عضوي هيٺان موجود ٻن حساس عضون کي جسم کان هڪ کان ٻه ڊگري گرمي پد کان گهٽ رکيو وڃي ان جي ڪري ئي مردن ۾ سيڪرول بيگ جسم مان ٻاهر نڪرندو آهي.

اهو ئي سبب آهي ته چرٻي ۾ واڌ جي ڪري عضوي ۾ توليدي صلاحيت گهٽجي ويندي آهي يا وري صفا ختم ٿي ويندي آهي.

صحت جي عالمي اداري جي اندازي موجب سڄي دنيا ۾ اڻيتاليهه سيڪڙو مردن جو وزن مقرر حد کان وڌيڪ آهي. ان مان خبر پئي ٿي ته گذريل ڏهاڪن ۾ سپرم ڪائونٽ ڪرڻ جا سبب ڪهڙا آهن.

2-نشي جي عادت

شراب، سگريٽ، ويپنگ مطلب ته اليڪٽرانڪ سگريٽن جو استعمال، چرس، ڪولين ۽ اسٽيرائيڊز جو استعمال، ڇا ڪنهن کي خبر آهي ته اهي شيون ڪيتريون خطرناڪ آهن؟

ڄاڻايل سڀ شيون مردن ۾ سپرم ڪائونٽ ۽ ڪوائلٽي کي متاثر ڪنديون آهن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته انهن مان ڪجهه شيون اهڙي مسئلن تي سڌي ريت اثر ڪن ٿيون جڏهن ته ڪجهه شين جو واسطو اڻ سڌي ريت هوندو آهي. انهن شين جي استعمال سان هارمونز جي پيداوار به متاثر ٿيندي آهي جيڪا آنورن جي صحت لاءِ خطرناڪ هوندي آهي.

ان سان گڏ ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽيسٽاسٽيرون جي تبديلي لاءِ استعمال ڪيون ويندڙ دوائون، ملمون ۽ سيون به آهن جيڪي عام طور تي باڊي بلڊنگ دوران استعمال ڪيون وينديون آهن.

ماهرن موجب بنا سبب جي اهڙيون دوائون استعمال ڪرڻ سان نقصان ته ٿيندو ئي آهي پر جسم کي لڳندو آهي ته هاڻي انهن جي پيداوار جي ضرورت ختم ٿي وئي آهي جنهن جي ڪري انهن جي پيدوارا مڪمل طور بند ٿي ويندي آهي.

3- جنسي طور منتقل ٿيندڙ زخم

ايپيڊيڊمس حقيقت ۾ اهڙو هنڌ آهي جتي سپرمز گڏ ٿيندا آهن ۽ انهن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جي ڪري سپرم متاثر ٿي سگهن ٿا.

صحت جي عالمي اداري جي اندازن موجب ٻه هزار ويهه ۾ مردن ۽ عورتن ۾ ڪليميڊيا جي هڪ سئو اڻٽيهه ملين نوان ڪيس ۽ ڪونوريا جا ٻياسي ملين نوان ڪيس سامهون آيا جيڪي ايپيڊيڊمس جي ذريعي منتقل ٿيندڙ زخمن واريون بيماريون آهن.

4-ليپ ٽاپ جهولي ۾ رکي استعمال ڪرڻ

جيئن ته اڳ ئي ٻڌائي آيا آهيون ته جنسي عضوي جي هيٺان وارا ٻه عضوا انسان جي باقي جسم کان ٻه ڊگري گرمي پي گهٽ هجڻ گهرجن ۽ جهولي ۾ ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ سان ڄنگهون ۽ آسپاس وارو سڄو جسم گرم ٿي ويندو آهي جنهن جي ڪري اسپرم ڪائونٽ ۾ گهٽتائي اچي ويندي آهي. گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان جهولي ۾ ليپ ٽاپ استعمال ڪرڻ جي مسئلي جي ڪري به مرداڻا مسئلا نوٽ ڪيا ويا آهن.

5-زهريلا مادا

ماهرن ٻين مسئلن سان گڏ زهريلي مادن ڏانهن به ڌيان ڏنو آهي جن کي عام طور تي اينڊوڪرائين ڊسٽرپٽرس چيو ويندو آهي، اها مادا هوا ۾ موجود گدلاڻ سان گڏوگڏ پلاسٽڪ ۽ جيت مار دوائن ۾ به موجود هوندا آهن.

اهو انڪري ته انهن مالڪيولز جي بناوت اسان جي جسم ۾ موجود هارمونز سان گهڻو ملندڙ جلندڙ هوندي آهي. جهڙي ريت هڪ چاٻي تالي ۾ داخل ٿيندي آهي اهي مادي سيل رسيپٽرز ۾ فِٽ ٿيڻ جو انتظام ڪندا آهن ۽ ڪجهه اڻوڻندڙ عملن کي متحرڪ ڪندا آهن.

نئين تحقيق ۾ ان جا اثر ته ڏٺا ويا آهن پر تنهن باوجود به ان حوالي سان ڪا حتمي دعويٰ ناهي ڪئي.

پيءُ بڻجڻ جي صلاحيت ۾ کوٽ

سپرم ڪائونٽ گهٽجڻ پٺيان ماحولياتي ۽ زندگي گذارڻ واري طرز عمل واري معاملن کانسواءِ ٻه اندريان مسئلا به آهن جيڪي ان رجحاڻ جو وڏو سبب بڻجي رهيا آهن. انهن مان هڪ جينياتي آهي.

هڪ اندازي موجب ٻار پيدا ڪرڻ ۾ ڏکيائين ۾ ڏهه کان ٽيهه سيڪڙو ڪيسن جو تعلق مردن جي ڊي اين اي ۾ ڏکيائي سان ٿيندو آهي.

ٻيو عمر وڌڻ بابت آهي، اها حقيقت آهي ته مردن جي عمر سان گڏ پيءُ بڻجڻ جي صلاحيت ۾ به واڌ ٿيندي آهي.

ماهرن چيو آهي ته اسپرم ڪائونٽ ۾ پنجاهه سالن ۾ ايڪونجاهه سيڪڙو تائين گهٽتائي آهي جيڪو سفر تيزي سان هلي رهيو آهي، خاص ڪري گذريل ٻن ڏهاڪن ۾ ان ۾ گهڻي تيزي آئي آهي. جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته ٻه هزار پنجاهه تائين ائين ئي رهيو ته توليدي سيلن جي پڄاڻي ويجهي ٿي ويندي. جڏهن ته ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ائين ٿيڻ تمام ڏکيو عمل آهي جيڪو ايڏي سولائي سان نٿو ٿي سگهي.

ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته اهڙي صورتحال خراب ٿيڻ جو رجحاڻ ته آهي، پر ڪنهن وقت اهو عمل بيهجي ويندو، شايد اهو نئين ٽيڪنالاجيز جي مدد سان ٿئي.

حفاظتي طريقا

انهن ماڻهن جي لاءِ جيڪي ٻار پيدا ڪرڻ جا خواهشمند آهي کي گهرجي ته سڀ کان پهريون قدم ته پنهنجي طرز زندگي ۾ ڪجهه تبديليون آڻن ۽ مٿي ڄاڻايل آنورن کي نقصان پهچائيندڙ عملن کان پاسو ڪن.

مثال طور گهربل خوراڪ ۽ باقائدا جسماني ورزش ذريعي وزن کي برقرار رکي يا گهٽ ڪرڻ، شراب پيئڻ، سگريٽ ڇڪڻ ۽ ٻئي منشيات کان پاسو ڪرڻ به بنيادي ضرورت آهن.

ان سان گڏ جنسي لاڳاپن جي تفريحي ماڻهن کي ڪليمائيڊيا سميت ٻين انفيڪشنز کان بچڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن، جڏهن ته جن ماڻهن کي جواني جي منڌ ۾ ئي ايڇ پي وي خلاف ويڪسين لڳائي ويندي آهي ته اهي ان وائرس ۽ جسم ۾ ان جي اثرن کان وڌيڪ محفوظ رهندا آهن.

مختلف طريقن جي باوجود به جيڪڏهن ٻار پيدا ڪرڻ ۾ مسئلو ٿئي ٿو ته پوءِ ڊاڪٽر سان ضرور رابطو رکڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.