پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ جاري رکڻ جو اعلان ، گورنر راڄ کانپوءِ خيبر پختونخوا ۾ فوج مقرر، 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم شهباز شريف جي صلاح تي خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت صوبي ۾ فوج مقرر ڪرڻ ۽ انتظامي معاملا هلائڻ لاءِ 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي،پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته سهيل آفريدي طرفان لانگ مارچ جو اعلان اڃا تائين برقرار آهي ۽ ان ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي.
آچر ڏينهن خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ کانپوءِ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته لانگ مارچ بابت سهيل آفريدي جي اعلان ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
هن چيو ته مارچ اڳتي ڪيئن وڌندو ۽ اتي حالتون ڪهڙيون آهن، ان بابت مقامي قيادت وڌيڪ بهتر ڄاڻي ٿي.
هن واضح ڪيو ته هن وقت سندس پي ٽي آءِ جي صوبائي قيادت سان ڪو رابطو ناهي.
سندس چوڻ هو ته پارٽي سياسي حڪمت عملي اختيار ڪندي، ڇاڪاڻ ته احتجاج ڪرڻ عوام جو بنيادي ۽ آئيني حق آهي.
ٻئي پاسي سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس وفاقي حڪومت کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڇا حڪومت سمجهي ٿي ته اها کٽي وئي آهي؟
هن چيو ته حڪومت هارايو آهي ۽ پاڪستان ۾ هن طريقي سان امن قائم نه ٿيندو.
راجا ناصر عباس دعويٰ ڪئي ته ڳالهين دوران حڪومتي ڪميٽي شرط رکيو هو ته وزيراعظم سان ملاقات لانگ مارچ ختم ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ ئي ٿي سگهي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته لانگ مارچ آئين ۽ قانون موجب هو ۽ پرامن هو.
سندس چوڻ هو ته مارچ لڪي مروت کان شروع ٿي پشاور ۽ مردان تائين پهتو، پر اتي امن امان جي ڪهڙي ڀڃڪڙي ٿي؟
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ الزام لڳايو ته حڪومت دهشتگردي بابت پاڻ غلط اڳڪٿي ڪئي، پنهنجو بيانيو جوڙيو ۽ پوءِ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جو قدم کنيو.
ان کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خيبر پختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ٻي صورت ۾ وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو.
وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته ايمرجنسي يا گورنر راڄ جي اعلان کانپوءِ ماڻهو ترڪيءَ جو مثال ڏيڻ وساري ڇڏيندا.
هوڏانهن خيبر پختونخوا پوليس پرتشدد مظاهرن جي صورت ۾ طاقت استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۽ مري ۾ هڪ مهيني لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا اجلاس 13 آڪٽوبر تي گهرائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ لانگ مارچ تي قائم، خيبر پختونخوا ۾ گورنر راڄ، فوج مقرر ۽ 11 رڪني مشاورتي ڪائونسل قائم

 

You might also like