اسيمبليءَ جي منظوري کانسواءِ سنڌ جو ورهاڱو ناممڪن آهي: نثار کهڙو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙي چيو آهي ته آئين تحت سنڌ کي ورهائي نٿو سگهجي.
حيدرآباد ۾ هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نثار کهڙي چيو ته پيپلزپارٽي ڪالا باغ ڊيم، گريٽر ٿل ڪينال ۽ سنڌ جي ورهاڱي خلاف ٺهراءَ منظور ڪيا آهن.
هن چيو ته سنڌ اسيمبلي سنڌ جي ورهاڱي واري معاملي تي پنهنجو فيصلو ڏئي چڪي آهي.
سندس چوڻ هو ته ارڙهين آئيني ترميم صوبائي خودمختياري جي ضمانت ڏئي ٿي، تنهن ڪري صوبائي اسيمبلي جي منظوري کانسواءِ سنڌ جو ورهاڱو ممڪن ناهي.

You might also like