ڪوڊنگ ۽ مهارت واري گهرج ختم! گوگل اي آءِ پلي گرائونڊ ۾ خيال ڏيو، ڪا به گيم تيار

راند ٺاهڻ لاءِ هاڻي هر ماڻهوءَ لاءِ پروگرامن لکڻ يا ڏکين ڪوڊن جي ڄاڻ رکڻ ضروري ناهي. گوگل هڪ آزمائشي هٿرادو ڏاهپ واري اوزار وسيلي انهن ماڻهن لاءِ راند ٺاهڻ جو عمل سولو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪي پنهنجي ذهن ۾ موجود تصور کي راند جي صورت ڏيڻ چاهين ٿا.

گوگل جي ”پلي گرائونڊ“ نالي هن آزمائشي اوزار ۾ واهپيدار کي رڳو پنهنجي راند جو خيال، گهربل تصويري نمونو ۽ مشيني ڪردارن بابت هدايتون لکڻيون پونديون. ان کان پوءِ هي اوزار انهن هدايتن کي کيڏي سگهجندڙ راند ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.

راند تيار ٿيڻ کان پوءِ واهپيدار ان ۾ پنهنجي مرضيءَ موجب تبديليون به ڪري سگهندا. گوگل پلي گرائونڊ ۾ اڳواٽ مختلف هدايتون به ڏنيون وينديون، جن ۾ تبديليون ڪري نين راندين جا خيال آزمائي سگهبا. ان سان گڏ هي اوزار راند ٺاهڻ جي سڄي عمل دوران رهنمائي به ڪندو.

تيار ڪيل راند رڳو پاڻ کيڏڻ تائين محدود نه هوندي. واهپيدار اها پنهنجن دوستن سان ونڊي سگهندا ۽ پلي گرائونڊ جي گيلريءَ ۾ پڻ پڌري ڪري سگهندا. ان ئي پليٽفارم تي ٻين واهپيدارن جون ٺاهيل رانديون کيڏڻ جي سهولت به موجود هوندي.

پلي گرائونڊ جون رانديون ڄار وسيلي هلنديون، تنهنڪري انهن کي موبائل فون يا ليپ ٽاپ تي کيڏي سگهبو. پلي گرائونڊ ايپ واهپيدار جي پلي گيمز واري کاتي سان پڻ ڳنڍيل هوندي، جنهن وسيلي پسنديده راندين کي پسند ڪرڻ ۽ ٻين واهپيدارن کي پنهنجي پيرويءَ ۾ رکڻ جي سهولت ملندي، جيئن انهن جون نيون ٺاهيل رانديون ڏسي سگهجن.

هن وقت هي آزمائشي هٿرادو ڏاهپ وارو اوزار رڳو آمريڪا ۾ ڄاري ويب سائيٽ وسيلي 18 ورهين کان وڏي عمر وارن واهپيدارن لاءِ دستياب هوندو.

You might also like