ڏکئي وقت ۾ ڀاءُ انوپم کير مدد نه ڪئي هئي، ڏاڏو ڏُک ٿيو هو: ڀاءُ ارجوکير جو انڪشاف

بالي ووڊ اداڪار انوپم کير جي ننڍي ڀاءُ، اداڪار ۽ هدايتڪار راجو کير انڪشاف ڪيو آهي ته سخت مالي بحران جي دوران انوپم کير سندس ڪائي به مدد نه ڪئي هئي.

راجو کير ٻڌايو ته هڪ ٽي وي پروجيڪٽ ۾ ساڻس ٺڳي ٿي، جنهن لاءِ هن پنهنجو گھر به وکڻي ڇڏيو هو. جڏهن هن پنهنجي ڀاءُ انوپم کير کان مدد گھري ته کيس ڪائي مدد نه ملي سگهي، جنهن تي کيس ڏاڍو ڏک ٿيو.

جيتوڻيڪ پوءِ کيس احساس ٿيو ته ان وقت انوپم کير پاڻ به مالي مشڪلاتن مان گذري رهيو هو. راجو کير چيو ته هو پنهنجن تڪليفن ۾ ايترو ڦٿڪيل هو جو ڀاءُ جي مجبوريءَ کي سمجهي نه سگهيو هو.

You might also like