بالي ووڊ اداڪارا ۽ سورڳواسي سري ديوي جي ڌيءَ جهانوي ڪپور پنهنجي هڪ عجيب ۽ غريب هُنر جو انڪشاف ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي مذاق جو نشانو بڻجي وئي آهي.
هڪ انٽرويو ۾ 29 ورهين جي اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي زبان کي تقريبن 360 ڊگريءَ تائين موڙي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ هن ان کي هڪ بيڪار ۽ چريائيءَ وارو عمل قرار ڏنو. جهانوري ٻڌايو ته اسڪول جي ڏينهن ۾ ٻين ٻارن کي متاثر ڪرڻ لاءِ هن اها ترڪيب سکي هئي. سوشل ميڊيا واپرائيندڙن ان ڳالهه تي سندس سخت ٽوڪ ڪئي، جڏهن ته ڪجهه واپرائيندڙن چيو ته اداڪاريءَ بدران اها ڪائي صلاحيت ناهي.
جهانوري ڪپور تازو پنهنجي گاني جي هڪ جعلي اي آءِ (AI) وڊيو لاهڻ وارو معاملو به سوشل ميڊيا تي اٿاريو هو، جنهن ۾ هن بغير اجازت جي اهڙي مواد پکيڙڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو هو.