ڀارت ۾ پاڪستاني مسلمانن کي بُرو جڏهن ته دبئي جي مسلمانن کي ڀَلو ڇو سمجهيو وڃي ٿو؟ ڪراچي ۾ ڳائڻ تي تنقيد جو شڪار بڻيل ميڪا سنگ

ممبئي(ويب ڊيسڪ)ڀارتي ڳائڻي ميڪا سنگھه پاڪ ڀارت لاڳاپن ۽ پاڪستاني مسلمانن بابت ڳالهائيندي سوال اٿاريو آهي ته ڀارت ۾ ڪيترائي ماڻهو پاڪستاني مسلمانن کي خراب نظر سان ڇو ڏسن ٿا، جڏهن ته دبئي جي مسلمانن کي پسند ڪن ٿا.

50 ورھين جي ڳائڻي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي 2019ع ۾ پنهنجي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ اتان جا ماڻهو برُا ناهن.

ميڪا سنگهھ ٻڌايو ته پاڪستان جي دوري دوران مسلمانن سکن جي مقدس جڳهن تي اسان جي چاڪري (خدمت) ڪئي.

ميڪا سنگھه چيو ته جڏهن مان پاڪستان ويس ته ڪيترائي مسلمان، جيڪي اسان جا ڀائر آهن، گوردوارن ۾ خدمت ڪندا ۽ صفائي سٿرائي ۾ ٻانهن ٻيلي ٿيندا هئا.

پاڪستان بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ميڪا سنگھه چيو آهي ته ڀارت ۾ پاڪستاني مسلمانن کي ناپسند ڇو ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته دبئي جي مسلمانن کي پسند ڪيو ويندو آهي؟ پاڪستان برو ناهي، پاڪستان جا ماڻهو بلڪل بَرا ناهن، مان اها ڳالهه ڪڏهن به سمجهي ناهيان سگهيو.

ميزبان جڏهن پاڪستاني فنڪارن سان گڏ ڪم ڪندڙ ڀارتي ڳائڻي دلجيت دوسانجھه بابت سوال ڪيو ته ميڪا سنگھه چيو ته مون کي پاڪستاني ڳائڻن جي ڀارت ۾ ڳائڻ تي ڪو به اعتراض ناهي.

ميڪا سنگھه چيو ته بالي ووڊ هر پاڪستاني ڳائڻي جي آجيان ڪري ٿو ۽ جيڪڏهن ڀارتي فنڪار پاڪستان ۾ پرفارم ڪن ٿا ته انهن تي به تنقيد نه ٿيڻ گهرجي.

هن ٻڌايو ته جڏهن مون کي پاڪستان ۾ ڳائڻ جِي دعوت ملي ته ائين محسوس ٿيو جئين مون کي گوردواري تائين پهچڻ جو وسيلو ملي رهيو هجي، منهنجي لاءِ اها ڳالهه پئسن کان وڌيڪ اھم هئي.

واضح رهي ته 2019ع ۾ ڪراچيءَ ۾ هڪ پرڻي جي ڪاڄ ۾ ڳائڻ تي ميڪا سنگھه کي ڀارتي فلمي صنعت پاران روڪ پابندي جو منهن ڏسڻو پيو هو.

8 آگسٽ 2019ع تي ڪراچيءَ ۾ سندس ڳائڻ جي وڊيو سامھون اچڻ کانپوءِ ڀارت ۾ سخت ردعمل سامھون آيو هو.

ڀارتي فلمي ادارن ڳائڻي تي قومي فائدن جي ڀيٽ ۾ پئسن کي ترجيح ڏيڻ جو ڏوهه مڙهيندي سندس بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like