سنڌ ۾ هلندڙ سال منڪي پاڪس جا 93 ڪيس ظاهر، 11 فوتگيون ٿي چُڪيون!

سنڌ ۾ هلندڙ سال منڪي پاڪس (Mpox) جا 93 تصديق ٿيل ڪيس سامھون آيا آهن ۽ ان جي نتيجي ۾ 11 ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

سنڌ جي صحت کاتي جي صوبائي سطح تي بيمارين جي نگراني ۽ ردعمل يونٽ (PDS RU) جي ليب سرويلنس نيٽ ورڪ جي رپورٽ موجب ايم پاڪس جي گڏيل 93 تصديق ٿيل ڪيسن ۾ 70 مرد شامل آهن، جيڪي گڏيل ڪيسن جو 75.27 سيڪڙو بنجن ٿا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 23 عورتن ۾ بيماريءَ جي تصديق ٿي آهي. عمر جي لحاظ کان 30 کان 39 سالن جي عمر جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، ان عمر جي گروپ ۾ 26 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته 0 کان 9 سالن جي عمر جي 23 ٻارن ۾ تصديق ٿيل ايم پاڪس رپورٽ ٿيو.

PDS RU موجب ماهوار صورتحال ڏسجي ته چالو سال اپريل ۾ ايم پاڪس جا سڀ کان وڌيڪ 31 ڪيس رپورٽ ٿيا، سيپٽمبر ۾ 20، آگسٽ ۾ 17، جولاءِ ۾ 7، آڪٽوبر ۾ هينئر تائين 6، مارچ ۾ 5، جون ۾ 4 جڏهن ته مئي ۾ 2 ڪيس رپورٽ ٿيا.

ٻئي پاسي اڄ نوابشاهه جي هڪ 50 سالن جي شهريءَ ۾ به ايم پاڪس جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، متاثر شخص کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سنڌ انفيڪشن ڊزيز اسپتال نيپا ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي کيس آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.

اسپتال انتظاميا موجب مريض جي هٿن ۽ پيرن تي ڦڙين جا نشان موجود آهن، جنهن ڪري ايم پاڪس جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي، مريض جا نمونا وڌيڪ سڃاڻپ ۽ ليبارٽري ٽيسٽ لاءِ حاصل ڪيا ويا آهن.

ماهرن موجب ايم پاڪس هڪ وائرل مرض آهي جيڪا عام طور متاثر شخص سان ويجهي جسماني رابطي، چمڙي سان چمڙيءَ جي رابطي يا متاثر شخص جي زحمن، جسماني رطوبتن ۽ ڪجهه خراب شين ذريعي انساني جسم ۾ منتقل ٿي سگهي ٿي.

صحت جي ماهرن وڌيڪ ٻڌايو ته بيماريءَ جي عام علامتن ۾ ٻاڦ/تپ (بخار)، سور، سڄي جسم ۾ سور، ڪمزوري، غدودن ۾ سڄ ۽ جسم تي ڦڙيون يا ڦوڪڻا شامل آهن، جڏهن ته علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ متاثر شخص کي ٻين کان پري رهڻ گهرجي ۽ ترت طبي معائنو ۽ سڃاڻپ ٽيسٽ لازمي ڪرائڻ گهرجي.

صحت کاتي ۽ لاڳاپيل ادارن موجب ايم پاڪس جي صورتحال جي لڳاتار نگراني ڪئي پئي وڃي، شهرين کي بيماريءَ جون علامتون ظاهر ٿيڻ جي صورت ۾ ترت طبي مرڪز سان رابطو ڪرڻ ۽ احتياتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

You might also like