واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪي واهپيدارن پاران پيٽرول جي وڌيڪ اگهن جي ادائيگي دنيا ۽ ملڪ کي محفوظ رکڻ لاءِ هڪ ”معمولي قيمت“ آهي.
نيبراسڪا جي شهر گرانڊ آئلينڊ ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي هن دعويٰ ڪئي ته پيٽرول جا اگهه جلد گھٽجي هڪ ڊالر 85 سينٽ في گيلن کان به هيٺ اچي ويندا.
ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هيءَ گهٽتائي3 نومبر تي ٿيندڙ اڌ-مدي (مڊ ٽرم) چونڊن کان اڳ يا ان کان ترت پوءِ ممڪن آهي، جيتوڻيڪ موجوده تيل جون قيمتون بائيڊن انتظاميا جي دور جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهن.
ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا دنيا کي امڪاني طور تي ”بدترين سانحن مان هڪ“ کان بچائي رهيو آهي.
هن هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته آمريڪا ايران کي ائٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو.