يمن جي حوثي گروهه سعودي عرب ۾ ڪيترن ئي اهم اهم هنڌن کي نشانو بڻائڻ جي دعويٰ ڪيو آهي.
حوثي گروهه جي ترجمان موجب، رياض ايئرپورٽ ۽ رابغ ۾ آرامڪو ريفائنري کي نشانو بڻايو ويو آهي.
ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ابها ايئرپورٽ، خميس مشيط ايئربيس ۽ ٻين علائقن ۾ به ڪارروايون ڪيون ويون.
حوثي گروهه موجب اهي حملا سعودي ڪاررواين جي جواب ۾ ڪيا ويا.
واضح رهي ته سعودي عرب پاران في الحال انهن حملن جي تصديق ناهي ڪئي وئي.
حوثي گروهه پاران اها دعويٰ اهڙي وقت سامھون آئي آهي جڏهن سعودي عرب، ترڪي ۽ پاڪستان حوثي حملن کانپوءِ گڏيل دفاعي قدم فعال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.