جڏهن جسم جو وزن گهٽ ٿئي ٿو ته جسم ۾ ذخيرو ٿيل چرٻي جو وڏو حصو ختم ٿي وڃي ٿو پر وڃي ڪاڏي ٿو؟ ته ان جو مختصر جواب آهي: ساهه، ها، بلڪل…… پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته چرٻي ساهه ۾ ڪيئن تبديل ٿئي ٿي؟
اصل ۾ اسان جيڪا چرٻي کائون ٿا، اها هاضمي واري سرشتي تائين پهچي ٿي، جتي اها چرٻي وارن تيزابن ۾ ٽٽي وڃي ٿي.
جسم انهن چرٻي وارن تيزابن جو ڪجهه حصو خلين جي جوڙجڪ، هارمونن کي ضابطي ۾ رکڻ ۽ اندرين عضون جي حفاظت جهڙن ضروري ڪمن لاءِ استعمال ڪري ٿو، جڏهن ته وڌيڪ مقدار ٽرائي گلسرائيڊز ۾ تبديل ٿي وڃي ٿي، جيڪي چرٻي وارن خلين اندر ذخيرو ٿين ٿا ۽ پوءِ توانائي جي ذريعي طور استعمال ٿين ٿا.
جسم بنيادي طور چرٻي کي ٻن طريقن سان ذخيرو ڪري ٿو: هڪ چمڙي جي هيٺان موجود چرٻي ۽ ٻي اندروني چرٻي، جيڪا جسم جي اندر گهري حصي ۾ عضون جي چوڌاري گڏ ٿيندي آهي.
جڏهن جسم ڪيلورين جي کوٽ واري حالت ۾ داخل ٿئي ٿو ته هارموني ۽ عصبي اشارا چرٻي وارن خلين کي ذخيرو ٿيل چرٻي ٽوڙڻ لاءِ متحرڪ ڪرڻ شروع ڪن ٿا. هن عمل کي چرٻي جي ڀڃ ڊاهه چيو وڃي ٿو.
ٽرائي گلسرائيڊز ٽٽڻ کان پوءِ چرٻي وارا تيزاب خلين اندر موجود مائٽوڪانڊريا تائين پهچن ٿا، جن کي جسم جا ”توانائي گهر“ چيو وڃي ٿو. اتي اهي بيٽا آڪسيڊيشن واري عمل مان گذرن ٿا.
هن عمل دوران چرٻي وارا تيزاب اهڙن مرڪبن ۾ ٽٽي وڃن ٿا، جن کي جسم توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿو. ان عمل جي نتيجي ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي پيدا ٿين ٿا، جيڪي چرٻي جي ميٽابولزم جا آخري ضمني پيداوار آهن.
هاڻي هتي حيرت جي ڳالهه اچي ٿي. هن مرحلي تي چرٻي جو وڏو حصو پگهر ذريعي خارج نٿو ٿئي، پر ڦڦڙن وسيلي، جڏهن اسان ساهه ٻاهر ڪڍون ٿا، تڏهن جسم مان خارج ٿئي ٿو.
محققن جي حساب موجب، چرٻي جو لڳ ڀڳ 84 سيڪڙو حصو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ جڏهن اسان ساهه ٻاهر ڪڍون ٿا ته جسم مان نڪري وڃي ٿو، جڏهن ته لڳ ڀڳ 16 سيڪڙو پاڻي ۾ تبديل ٿئي ٿو، جيڪو پگهر ۽ جسم جي ٻين رطوبتن ذريعي خارج ٿئي ٿو.