فرح خان جي ڦوٽوگرافرن کي سلمان خان جي ڌمڪي، هڪٻئي کان ڪيميرائون بند ڪرائيندا رهيا!

بالي ووڊ جي مشهور ڪوريوگرافر ۽ هدايتڪارا فرح خان فوٽوگرافرن کي سلمان خان جي وارننگ ياد ڏياري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب بالي ووڊ جي سپر اسٽار سلمان خان تازو ئي فلمي صنعت سان لاڳاپيل اداڪارائن جون نامناسب تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهيندڙ فوٽوگرافرن کي تنبيهه ڪئي هئي ۽ انهن لاءِ سخت پيغام جاري ڪيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب، ان ئي حوالي سان ممبئي ۾ ڪوريوگرافر ۽ هدايتڪارا فرح خان هڪ عمارت ۾ داخل ٿي رهي هئي ته اتي موجود فوٽوگرافرن سندس تصويرون ڪڍڻ شروع ڪري ڇڏيون.

شروعات ۾ فرح خان ڪو اعتراض نه ڪيو، پر جڏهن هوءَ اتان گذرڻ لڳي ته فوٽوگرافرن سندس پٺئين پاسي کان به تصويرون ۽ وڊيوز ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيون، جنهن تي هن کين روڪيو.

فرح خان فوٽوگرافرن کي چيو ته سلمان خان چيو هو ته پٺئين پاسي کان تصويرون نه ڪڍيون وڃن. ايترو ئي نه، پر فرح خان اتي بيهي سلمان خان جي وارننگ تي عمل پڻ ڪرايو.

فرح خان جي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ فوٽوگرافر پاڻ ۾ هڪ ٻئي کي ڪيمرا بند ڪرڻ لاءِ چوڻ لڳا.

You might also like