لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد رضوان پنهنجي خلاف الزامن بابت نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي (اين سي سي آءِ اي) کي ٽيون خط لکي ڇڏيو.
محمد رضوان خط ۾ 2 آڪٽوبر تي اين سي سي آءِ اي سامهون پيش ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته کيس نوٽيس ملي ويو آهي ۽ هو 2 آڪٽوبر تي انڪوائري ۾ شامل ٿيندو.
رضوان اين سي سي آءِ اي کان انڪوائري بابت وڌيڪ سوالن جي وضاحت به گهري آهي.
سندس چوڻ آهي ته پهرئين نوٽيس ۾ آن لائن بيٽنگ ۽ جوا کيڏڻ جا الزام شامل هئا، جڏهن ته عدالت ۾ ايجنسي طرفان پيڪا 2016 تحت اليڪٽرانڪ فراڊ واري شق جو ذڪر ڪيو ويو هو.
رضوان موجب، نئين نوٽيس ۾ آن لائن بيٽنگ ۽ جوا کيڏڻ وارن الزامن جو ذڪر ناهي، تنهنڪري صورتحال واضح ڪئي وڃي.
هن پڇيو ته ڇا انڪوائري اڃا به آن لائن بيٽنگ يا جوا واري معاملي سان بابت آهي ۽ پيڪا 2016 جون ڪهڙيون مخصوص شقون انڪوائري جو حصو آهن.
ڪرڪيٽر درخواست ڪئي ته جيڪڏهن پهرئين نوٽيس کانپوءِ انڪوائري جو دائرو تبديل ٿيو آهي ته موجودا دائري بابت کيس لکت ۾ آگاهه ڪيو وڃي.
رضوان اهو به پڇيو ته ڇا ان معاملي بابت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي)، آءِ سي سي جي اينٽي ڪرپشن يونٽ يا ڪرڪيٽ سان لاڳاپيل ڪنهن ٻئي اداري کي آگاهه ڪيو ويو آهي.
محمد رضوان چيو ته سندس موبائل فون اڃا تائين اين سي سي آءِ اي وٽ آهي.
سندس چوڻ هو ته هن انگلينڊ ۾ موبائل جو پاسورڊ فراهم ڪيو هو ۽ سندس موجودگي ۾ ڊوائيس کوليو ۽ جانچيو ويو.
رضوان دعويٰ ڪئي ته کيس موبائل ضبط ڪرڻ جي رسيد، وارنٽ، ڪسٽڊي رڪارڊ يا فون کي مسلسل پنهنجي تحويل ۾ رکڻ بابت لکت ۾ دستاويز فراهم نه ڪيا ويا آهن.
هن اين سي سي آءِ اي کان پڇيو ته فرانزڪ جاچ لاءِ سندس ذاتي طور وڌيڪ ڪهڙي سهڪار جي ضرورت آهي ۽ درخواست ڪئي ته فرانزڪ جاچ بنا دير مڪمل ڪري سندس موبائل فون واپس ڪيو وڃي.
محمد رضوان وڌيڪ چيو ته کيس اڃا تائين واضح طور تي نه ٻڌايو ويو آهي ته مٿس اصل الزام ڪهڙو آهي، جڏهن ته هو ڪنهن به قانوني انڪوائري سان مڪمل سهڪار ۽ مدد لاءِ تيار آهي.
”مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي “محمد رضوان جو سائبر ڪرائيم ايجنسي کي ٽيون خط، موبائيل فون واپس ڪرڻ جي درخواست
You might also like