اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ جماعت اسلامي جي امير سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي.
رابطي دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
اسد قيصر چيو ته جماعت اسلامي جي پيٽروليم ليوي خلاف تحريڪ کي عوامي تحريڪ سمجهان ٿو.
ليا قت بلوچ چيو ته جماعت اسلامي جو امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي ۾ آهي، اسد قيصر جو پيغام هن تائين پهچائيندس.
You might also like