صوماليا ۾ سامونڊي ڦورن جي قبضي مان آئل ٽينڪر آزاد ڪرائڻ دوران 3 پاڪستاني شهيد، پرڏيهي کاتي تصديق ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت تصديق ڪئي آهي ته صوماليا جي سامونڊي ڪناري ويجهو آئل ٽينڪر ”ايم ٽي آنر 25“ کي هٿياربند ڦورن کان آزاد ڪرائڻ واري آپريشن دوران 3 پاڪستاني شهري مارجي ٿي ويا.
پرڏيهي وزارت موجب، مارجين ۾ رفيع الله خان، سيد ڪاشف عمر ۽ محمود احمد انصاري شامل آهن، جڏهن ته عملي جا 4 ٻيا ماڻهو به زخمي ٿيا، جن ۾ 3 پاڪستاني شهري پڻ شامل آهن.
وزارت موجب، زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽينڪر جي بچيل عملي کي محفوظ طريقي سان بندر بيلا منتقل ڪيو ويو. ڪارروائي دوران 16 شڪي ڦورو گرفتار ڪيا ويا آهن.
”ايم ٽي آنر 25“ تي 17 رڪني عملو سوار هو، جنهن ۾ 10 پاڪستاني شهري شامل هئا.
آئل ٽينڪر تي اپريل 2026 ۾ صوماليا جي سامونڊي ڪناري ويجهو ڦورن قبضو ڪيو هو.

You might also like