ملتان(ويب ڊيسڪ)ملتان هوائي اڏي تي ايف آءِ اي اميگريشن ڪارروائي ڪندي عمري جي ويزا جي آڙ ۾ عورت کي مبينا جنسي استحصال لاءِ سعودي عرب موڪلڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جڏهن ته عورت جي نشاندهي تي امجد نالي ايجنٽ کي گرفتار ڪيو ويو.
ايف آءِ اي جي ترجمان موجب عورت مسافر انيشا بي بي اڏام نمبر ايس وي 801 ذريعي عمري جي ويزا تي سعودي عرب وڃي رهي هئي. اميگريشن جاچ دوران عورت مسافر کي وڌيڪ ڇنڊڇاڻ لاءِ شفٽ انچارج حوالي ڪيو ويو.
ترجمان موجب شروعاتي جاچ دوران عورت کي جنسي استحصال لاءِ پرڏيهه موڪلڻ جا ثبوت مليا. عورت جي موبائل فون، ڳالهه ٻولهه ۽ ٻين برقي مواد مان مبينا جنسي استحصال جا ثبوت سامهون آيا.
ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جنسي استحصال واري ڄار بابت تفصيل حاصل ٿيا. عورتن جي جنسي استحصال ۾ ملوث ٽولي جو اڳواڻ سعودي عرب مان ڄار هلائي رهيو هو، جڏهن ته ايجنٽ عمري جي ويزا جي آڙ ۾ عورت کي سعودي عرب موڪلڻ جا انتظام ڪيا هئا.
ترجمان موجب عورت مسافر جو موبائل فون ۽ ٻيو مواد وڌيڪ جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتو ويو آهي. عورت مسافر ۽ گرفتار ايجنٽ کي ايف آءِ اي جي انساني اسمگلنگ خلاف ملتان واري دائري حوالي ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ اي ترجمان چيو ته ڄار ۾ ملوث سمورن ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.