اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ هڪ هفتي لاءِ ملتوي ٿيڻ کانپوءِ خيبر پختونخواهه کان اسلام آباد ايندڙ رستا کوليا ويا
اٽڪ جي خيرآباد واري هنڌ جي ٽي روڊ تي چئن ڏينهن کانپوءِ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پشاور اسلام آباد موٽر وي ايم ون تان رڪاوٽون هٽائڻ جو سلسلو جاري آهي.
پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ روڪڻ لاءِ موٽر وي تي واريءَ جون ٻوريون، لوهه جون چادرون ۽ ڪنٽينر رکيا ويا هئا.
ٽيڪسلا ۾ پنجاب جي داخلي رستن تي به ٽريفڪ جي اچ وڃ معمول تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ميانوالي ۾ سي پيڪ روڊ اڃا بند آهي.
لانگ مارچ ملتوي ٿيڻ باوجود اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي چوڌاري ڪنٽينرن جو انگ وڌايو ويو آهي.