هڪ تازي تحقيق موجب برقي گاڏين ۾ ڦيٿن سان لاڳاپيل خرابين جو امڪان پيٽرول تي هلندڙ گاڏين جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ 1.8 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.
برطانوي گاڏين جي ڪرائي ۽ ليزنگ واري ايسوسي ايشن طرفان ڪيل تحقيق ۾ برطانيا ۾ 4 ڪروڙ 70 لک کان وڌيڪ گاڏين جي لازمي فني جاچ جي انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو.
تحقيق موجب برقي گاڏين جون ڳريون بيٽريون ۽ برقي موٽرن جو فوري گهمائڻ وارو زور ڦيٿن تي وڌيڪ دٻاءُ وجهي ٿو. ڪجهه برقي گاڏين جي بيٽري پيڪ جو وزن لڳ ڀڳ 300 کان 500 ڪلوگرام تائين ٿي سگهي ٿو، جيڪو گاڏي جي گڏيل وزن جو 25 سيڪڙو تائين هوندو آهي.
پيٽرول انجڻ جي ابتڙ، برقي موٽر گاڏي هلڻ شروع ٿيندي ئي لڳ ڀڳ فوري طور تي وڌيڪ گهمائڻ وارو زور فراهم ڪري ٿي، جنهن سبب ٽائرن تي وڌيڪ زور پوي ٿو ۽ انهن جي گسجڻ يا خراب ٿيڻ جو امڪان وڌي سگهي ٿو.
تحقيق ۾ اهو به سامهون آيو ته پراڻن ماڊلن ۾ ٽائرن جا مسئلا وڌيڪ نمايان هئا، جڏهن ته ڪجهه گاڏين ۾ رگڙ ذريعي ڪم ڪندڙ بريڪن سان لاڳاپيل خرابيون پڻ رپورٽ ٿيون.
ايسوسي ايسن موجب ڪجهه برقي گاڏين جي مالڪن کي واڌو مرمت ۽ ٽائر تبديل ڪرڻ جي خرچن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، جڏهن ته خاص طور مهانگا يا اعليٰ معيار وارا ٽائر تبديل ڪرڻ تي سوين پائونڊ خرچ ٿي سگهن ٿا.
رپورٽ ۾ ٽائرن جي خرابين جي وڌيڪ شرح جو بنيادي سبب بيٽري جو اضافي وزن ۽ گهٽ رفتار تي فوري طور حاصل ٿيندڙ گهمائڻ وارو زور قرار ڏنو ويو آهي.