ايران جي پاسداران انقلاب جي ترجمان حسين محبي جو چوڻ آهي ته آمريڪا ساڻن رابطو قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، پر پاسداران انقلاب ان ڪوشش کي سختيءَ سان رد ڪري ڇڏيو آهي.
سندس چوڻ هو ته دشمن سان اسان جا معاملا، جيسين هو اسان خلاف دشمني رکي ٿو، مڪمل طور تي هٿيارن جي ذريعي ئي طئي ڪيا ويندا.