گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽريس چيو آهي ته گذريل ڏهاڪي ۾ شروع ٿيل جنگين جا خوفناڪ ۽ تباهه ڪندڙ نتيجا نڪتا آهن، جن ۾ سڀ کان وڌيڪ عام شهري متاثر ٿيا آهن.
جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي هن چيو ته فلسطين جي برباد ٿيل صورتحال تي دنيا کي غور ڪرڻو پوندو، ڇو ته اهڙي تباهي پهرين ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي.
هن چيو ته رڳو عسڪري طاقت سان امن ۽ اقتصادي استحڪام ممڪن ناهي، ۽ سلامتي ڪونسل ۾ اصلاح ناگزير آهن.