پئسن عيوض مارڪون ڏيڻ جا الزام، سکر بورڊ جو ڊپٽي ڪنٽرولر غلام مصطفيٰ پيرزادو عهدي تان هٽايو ويو

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر تعليمي بورڊ جي ڊپٽي ڪنٽرولر غلام مصطفيٰ پيرزادو کي معطل ڪري عهدي تان به هٽايو ڪيو ويو آهي، جنهن جو يونيورسٽيز ۽ بورڊ کاتي طرفان نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، غلام مصطفيٰ پيرزادو خلاف مبينا طور پئسن عيوض مارڪون ڏيڻ سميت مختلف الزام آهن، جڏهن ته سندس خلاف انڪوائري پڻ جاري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته غلام مصطفيٰ پيرزادو گريڊ 2 ۾ پمپ آپريٽر طور ڀرتي ٿيو هو، جنهن بعد مختلف مرحلن ۾ ترقيون ماڻيندي گريڊ 18 تائين پهتو. کيس ڊپٽي ڪنٽرولر جي عهدي تان هٽائي معطل ڪيو ويو آهي.

You might also like