ٽن سالن جي ٻارڙي جو انوکو عالمي رڪارڊ، دنيا جا سڀ ڊزني پارڪ گهمي آئي!

آمريڪا سان تعلق رکندڙ 3 ورهين جي بوٽسي ڊيرنگٽن ننڍي عمر ۾ ئي اهڙو عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو، جنهن سڄي دنيا جو ڌيان ڇڪائي ورتو. ننڍڙي نينگري دنيا جي سمورن 12 ڊزني موضوعاتي تفريحي پارڪن جو دورو ڪندڙ سڀ کان ننڍي عمر واري شخصيت بڻجي وئي آهي.

گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب، بوٽسي اهو اعزاز 3 سال ۽ 139 ڏينهن جي عمر ۾ حاصل ڪيو. سندس ڊزني جو سفر 2024ع ۾ جاپان جي ’ٽوڪيو ڊزني سي‘ کان شروع ٿيو، ان وقت هوءَ اڃا هلڻ جي قابل به نه هئي.

تقريبن اڍائي سالن دوران بوٽسي ايشيا، يورپ ۽ آمريڪا ۾ موجود ڊزني جا سمورا 12 پارڪ گهميا. ان سفر دوران سندس والدين ۽ 5 ورهين جو ڀاءُ بريگز پڻ ساڻس گڏ رهيو.

هن منفرد سفر جي آخري منزل 14 سيپٽمبر 2026ع تي ڊزني لينڊ پيرس بڻيو، جتي گنيز ورلڊ رڪارڊز جي نمائندي وليم سنڊن باضابطه طور بوٽسي جي رڪارڊ جي تصديق ڪئي.

اهڙيءَ ريت بوٽسي چئن ورهين جي عمر تائين پهچڻ کان اڳ ئي ڊزني جي دنيا جا سمورا 12 موضوعاتي تفريحي پارڪ گهمي هڪ اهڙو عالمي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو، جيڪو سندس ننڍي عمر سبب وڌيڪ غيرمعمولي بڻجي ويو آهي.

You might also like