آءِ ليش ايڪسٽينشنز توهان کي اکين جي ڇپرن ۾ مائٽس جي اڻ وڻندڙ واڌ جو شڪار بڻائي سگهن ٿيون، جيڪي ڇپرن جي پاڙن ۾ داخل ٿي نظر کي متاثر ڪري سگهن ٿيون.
هڪ تحقيق مان انڪشاف ٿيو آهي ته باقاعدگي سان اهو خوبصورتي وارو عمل ڪرائيندڙ 96 سيڪڙو عورتن ۾ اهي خوردبيني جاندار موجود هئا.
طبي ٻوليءَ ۾ ڊيموڊيڪس سڏجندڙ اهي مائٽس هٿرادو ڇپر لڳائڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ سڪي ويل کنئور ۾ گڏ ٿيندڙ مئل چمڙي جي خلين کي خوراڪ طور استعمال ڪن ٿا، جنهن سبب انهن جو انگ تيزيءَ سان وڌي سگهي ٿو.
آءِ ليش ايڪسٽينشنز مئل مائٽس کي به ڦاسائي سگهن ٿيون، جنهن ڪري اهي قدرتي طور جسم مان خارج نه ٿي سگهنديون آهن.
ڊاڪٽرن خبردار ڪيو آهي ته اهو مسئلو ممڪن طور تي سنگين نتيجا پيدا ڪري سگهي ٿو، جن ۾ خارش، چمڙي جو سڪي وڃڻ ۽ نظر ڌنڌلي ٿيڻ شامل آهن.
برطانيا ۾ هر هفتي لڳ ڀڳ هڪ لک 29 هزار آءِ ليش ايڪسٽينشن جا عمل ڪيا وڃن ٿا. هن عمل دوران خوبصورتيءَ جا ماهر کنئور جي مدد سان هٿرادو تندن کي ڇپرن سان ڳنڍيندا آهن، جنهن سان ڇپر وڌيڪ گهاٽا ۽ ڊگها نظر ايندا آهن.
پر هاڻي اکين جي بيمارين جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته هن طريقيڪار جي نقصانڪار هجڻ بابت ثبوت وڌي رهيا آهن ۽ اهو عمل اکين لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿو.
يوڪرين جي نيشنل پيروگوف ميموريل ميڊيڪل يونيورسٽي جي ماهرن يورپي سوسائٽي آف ڪيٽارڪٽ اينڊ ريفريڪٽو سرجنز جي 44هين ڪانگريس ۾ هن طريقيڪار جي امڪاني نقصانن بابت اهم ثبوت پيش ڪيا.
اکين جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽر تاتيانا زمور ۽ سندس ٽيم پاران ڪيل تحقيق ۾ 16 کان 28 سالن جي عمر وارين 345 عورتن جو جائزو ورتو ويو، جن کان پڇيو ويو ته اهي ڪيتري باقاعدگي سان آءِ ليش ايڪسٽينشنز ڪرائين ٿيون.
اڌ عورتن ٻڌايو ته اهي هر ٽن کان چئن هفتن کانپوءِ اهو عمل ڪرائين ٿيون، جيڪو سال ۾ لڳ ڀڳ 17 ڀيرا ٿئي ٿو.
تقريبن 48 سيڪڙو عورتن ٻڌايو ته آءِ ليش ايڪسٽينشنز ڪرائڻ کانپوءِ کين ڪنهن نه ڪنهن قسم جي تڪليف، اکين ۾ ڳاڙهاڻ يا خارش کي منهن ڏيڻو پيو.