ٿرپارڪر: پناهه گاهه آندل ناياب هرڻ جي ٽَنگ ٽٽل نڪتي، پوليس ۽ کاتي جا هڪٻئي تي الزام

ٿرپارڪر جي پناهه گاهه واري علائقي ۾ ڇڏيل ناياب هرڻ هلي نه سگهيو، سندس هڪ ٽنگ ٽٽل نڪتي.

اسسٽنٽ ڪنزرويٽر جهنگلي جيوت موجب اڄ صبح ٽيم هرڻ کي چيلھار ٿاڻي تي وٺي وئي هئي، جتي پوليس سان گڏجي ويجهي پناهه گاهه واري علائقي ۾ هرڻ کي آزاد ڪرڻو هو. پوليس هرڻ کي لاڪ اپ ۾ وجهي پنهنجي قبضي ۾ هجڻ جي وڊيو ٺاهڻ چاهي، ان دوران هرڻ جي ٺپ ڏيڻ سان ئي سندس هڪ ٽنگ مهري مان لهي وئي.

اسسٽنٽ ڪنزرويٽر جهنگلي جيوت دعويٰ ڪئي ته 5 مهينن تائين هرڻ سندن تحويل ۾ رهيو ۽ ان وقت هو بلڪل صحتمند هو.

هن ٻڌايو ته چيلھار ٿاڻي جي لاڪ اپ مان هرڻ کي جهنگلي جيوت جي گاڏي ۾ منتقل ڪرڻ جي وڊيو موجود آهي. زخمي هرڻ کي واپس جهنگلي جيوت مرڪز منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندس علاج جاري آهي.

ٻئي پاسي چيلھار ٿاڻي جي ايس ايڇ او لاڪ اپ ۾ هرڻ جي ٽنگ ٽٽڻ واري الزام کي رد ڪري ڇڏيو.

ايس ايڇ او چيلھار جو موقف آهي ته جهنگلي جيوت وارا اڄ صبح هرڻ کي وٺي آيا هئا، سندس ٽنگ سندن تحويل ۾ نه ٽٽي آهي.

واضح رهي ته ناياب چنڪارا نسل جو هرڻ هلندڙ سال 11 اپريل تي چيلھار ڀرسان شڪارين کان هٿ ڪيو ويو هو.

مٺي جي عدالت هرڻ کي پناهه گاهه واري علائقي ۾ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته هرڻ کي آزاد ڪرڻ جا وڊيو ثبوت 17 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو هو.

You might also like