ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ منور چوڪ ويجهو 2 ڦورو هڪ شهري کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته شادي هال جي سيڪيورٽي گارڊ ڦورن تي فائرنگ ڪري ڇڏي.
پوليس موجب سيڪيورٽي گارڊ ۽ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو فرار ٿي ويو.
پوليس موجب ڦورن جي فائرنگ سبب 2 شهري پڻ زخمي ٿيا، جن ۾ کاڌو پهچائڻ وارو موٽرسائيڪل سوار ۽ هڪ راهگير شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته ڦورن کاڌو پهچائڻ واري موٽرسائيڪل سوار کان ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي هن مزاحمت ڪئي. ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار ۽ هڪ شهري زخمي ٿي پيا.
ٻئي پاسي سعدي ٽائون روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿيو، جنهن دوران 2 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو.
ايس ايس پي اوڀر موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ اصغر ۽ علي گل جي نالن سان ٿي آهي. گرفتار جوابدارن وٽان هٿيار ۽ موبائل فون پڻ هٿ ڪيا ويا.
ايس ايس پي زبير نذير شيخ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ ملوث آهن، جوابدارن خلاف سچل، لانڍي ۽ سعيد آباد ٿاڻن ۾ ڦرلٽ ۽ هٿيار رکڻ جا ڪيس داخل ٿيل آهن.