تهران(ويب ڊيسڪ)ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته ايراني عوام ڪڏهن به هٿيار نه ڦٽا ڪندي ۽ ايران کي دٻاءَ ذريعي آڻ مڃڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ مسعود پزشڪيان آمريڪا پاران شهري سهولتن، خوراڪ ۽ ماڻهن جي روزگار کي نشانو بڻائڻ تي سوال اٿاريندي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ همت آهي ته ايراني فوج جو مقابلو ڪري، شهري بنيادي ڍانچي ۽ خوراڪ کي ڇو نشانو بڻايو پيو وڃي؟
ايراني صدر بنيادي ضرورتن تائين پهچ محدود ڪرڻ تي به آمريڪا کي تنقيد جو نشانو بڻايو. هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪي انسانيت تي يقين رکن ٿا ته ماڻهن کي پاڻي، خوراڪ ۽ دوائن تائين رسائي کان ڇو محروم ڪيو پيو وڃي؟
مسعود پزشڪيان واضح ڪيو ته دٻاءَ ۽ ڌمڪين ذريعي ايران کي جهڪڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي ۽ ايران ڪڏهن به هٿيار ڦٽا نه ڪندو.