انگلينڊ ۾ پاڪستان انڊر 19 ٽيم کي پناهگير سمجهي ورتو، هوٽل ٻاهران احتجاج

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي شهر پورٽس مائوٿ ۾ پاڪستان جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم کي پناهگير سمجهي نقاب پوش مظاهرين هوٽل ٻاهران گڏ ٿي ويا.

پرڏيهي خابرو اداري موجب لڳ ڀڳ 50 ماڻهن جو گروهه غلط فهمي جي بنياد تي فور اسٽار هوٽل ٻاهران گڏ ٿيو، مظاهرين کي خدشو هو ته پناهگيرن جون 4 بسون هوٽل آنديون پيون وڃن.

ريفارم پارٽي جي ڪائونسلر جارج ميڊڪ موجب کيس اطلاع ملڻ تي هو هوٽل پهتو، جتي مينيجر کان ڄاڻ ملي ته هوٽل ۾ پاڪستان جي انڊر 19 ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر ترسيل آهن، جيڪي ڏاکڻي ساحلي علائقي جي دوري تي آهن.

ميڊڪ موجب هن پاڪستاني ٽيم جي ڪوچ سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن صورتحال کي سمجهيو ۽ سهڪار ڪيو. ان کانپوءِ هن هوٽل ٻاهران موجود مظاهرين کي ٻڌايو ته کين غلط فهمي ٿي آهي ۽ هوٽل ۾ موجود ماڻهو پناهگير نه پر پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جا ميمبر آهن.

ڪائونسلر موجب وضاحت سامهون اچڻ کان ڪجهه ئي منٽن اندر مظاهرين هوٽل ٻاهران هليا ويا. اهو واقعو ھيمپشائر ڪائونٽي ۾ پناهگيرن کي ٻيڙين مان لاهڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ پيش آيو.

ٻئي پاسي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ (اي سي بي) طرفان پاڪستان انڊر 19 ٽيم جي دوري جي باقي حصي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي.

You might also like