موسمياتي تبديلين جو اثر، آگسٽ 2026ع انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آگسٽ 2026ع کي انساني تاريخ جو گرم ترين مهينو قرار ڏنو ويو آهي.

يورپي موسمياتي اداري ڪوپرنيڪس ڪلائميٽ چينج سروس (سي سي سي ايس) موجب آگسٽ دوران عالمي سطح تي سراسري فضائي گرمي پد 16.96 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو 1991ع کان 2020ع جي سراسري گرمي پد کان 0.85 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ آهي.

رپورٽ موجب آگسٽ جي رڪارڊ گرمي جو هڪ وڏو سبب سامونڊي گرمي پد ۾ غيرمعمولي اضافو هو، جڏهن ته جون کان آگسٽ تائين جو عرصو به تاريخ جو گرم ترين موسمِ گرما قرار ڏنو ويو آهي.

سي سي سي ايس موجب انساني سرگرمين سبب گرمي پد ۾ واڌ ۽ ايل نينو جي شدت وڌڻ سبب آگسٽ ۾ گرمي پد رڪارڊ سطح تي پهتو. ايل نينو دوران بحرالڪاهل جو پاڻي معمول کان وڌيڪ گرم ٿي ويندو آهي، جڏهن ته لا نينا دوران ان جي ابتڙ گرمي پد گهٽجي ويندو آهي.

رپورٽ موجب 2023ع ۾ ايل نينو شروع ٿيڻ کانپوءِ لڳاتار 13 مهينا تاريخ جا گرم ترين مهينا قرار ڏنا ويا هئا، جڏهن ته آگسٽ 2026ع کان ٻيهر اهڙي صورتحال شروع ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

پرڏيھي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سي سي سي ايس موجب مغربي يورپ ۾ هن سال جو موسمِ گرما سڀ کان وڌيڪ گرم رهيو، جڏهن ته آمريڪي اداري نيشنل اوشيئنڪ اينڊ ايٽموسفيرڪ ايڊمنسٽريشن (NOAA) پڻ هلندڙ سال جي موسمِ گرما کي آمريڪا جو گرم ترين موسم قرار ڏنو آهي.

ماهرن موجب اها صورتحال غيرمعمولي آهي، ڇاڪاڻ ته عام طور تي جولاءِ سال جو گرم ترين مهينو هوندو آهي، پر هن سال آگسٽ جولاءِ کان به وڌيڪ گرم رهيو.

سي سي سي ايس جي ماهرن چيو ته سڄي دنيا ۾ تباهه ڪندڙ موسمياتي اثرن جو مشاهدو ڪيو پيو وڃي ۽ هر هنڌ ماڻهو ان کان متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته موسم جي شدت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ڊگهي مدي تائين اها شدت برقرار رهڻ جو امڪان آهي.

آگسٽ دوران عالمي سراسري گرمي پد صنعتي دور کان اڳ واري سطح جي ڀيٽ ۾ 1.65 ڊگري سينٽي گريڊ وڌيڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو نومبر 2025ع کانپوءِ پهريون مهينو آهي، جنهن دوران عالمي گرمي پد 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌيڪ رهيو.

ياد رهي ته 2015ع جي پيرس معاهدي تحت عالمي گرمي پد ۾ ڊگهي مدي واري واڌ کي 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين محدود رکڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو. گڏيل قومن جي ماحولياتي پروگرام جي تازي رپورٽ ۾ پڻ چيو ويو آهي ته گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ گهربل گهٽتائي نه اچڻ سبب اهو هدف حاصل ٿيڻ جو امڪان گهٽجي ويو آهي.

You might also like