نون ماڊلز سان گڏ ايپل پراڻن آءِ فونز جون قيمتون به وڌائي ڇڏيون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايپل نوان آءِ فون 18 پرو، آءِ فون 18 پرو ميڪس ۽ فولڊ ايبل آءِ فون ڊو متعارف ڪرائڻ سان گڏ پراڻن آءِ فون ماڊلز جون قيمتون پڻ وڌائي ڇڏيون آهن.

عام طور تي ايپل نوان ماڊلز متعارف ڪرائڻ کانپوءِ پراڻن آءِ فونز جون قيمتون گهٽ ڪندي آهي، پر هن سال ڪمپني ابتڙ قدم کڻندي آءِ فون 16، 17، 17 اي ۽ آءِ فون ايئر جي قيمتن ۾ 100 ڊالر تائين واڌ ڪئي آهي.

9 سيپٽمبر جي تقريب کان اڳ آءِ فون 16 جي قيمت 699 ڊالر هئي، جيڪا هاڻي وڌي 799 ڊالر ٿي وئي آهي. اها ساڳي قيمت هئي جنهن تي آءِ فون 16 کي 2024ع ۾ متعارف ڪرايو ويو هو.

آءِ فون 17 اي کي مارچ ۾ 599 ڊالر ۾ پيش ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي 699 ڊالر ۾ دستياب هوندو، جڏهن ته آءِ فون 17 جي قيمت 799 ڊالر مان وڌي 899 ڊالر ڪئي وئي آهي.

اهڙي طرح آءِ فون ايئر جي قيمت پڻ 999 ڊالر مان وڌي 1099 ڊالر ٿي وئي آهي. نون آءِ فون 18 ۽ 18 پرو ميڪس جي قيمت به گذريل سال جي ماڊلز جي ڀيٽ ۾ 100 ڊالر وڌيڪ مقرر ڪئي وئي آهي.

رپورٽ موجب قيمتن ۾ واڌ جو سبب چِپس ۽ ٻين پرزن جي قيمتن ۾ اضافو ٻڌايو پيو وڃي، جنهن جو اشارو ايپل جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو ٽم ڪڪ ڪجهه عرصو اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ ڏنو هو.

You might also like