ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جي وقفي ۾ ان وقت هنگامو ۽ گوڙ شروع ٿي ويو، جڏهن ايم ڪيو ايم جي ميمبرن طرفان ضمني سوال نه پڇڻ تي ميمبر طحٰه احمد مسلسل ڳالهائيندو رهيو.
ان موقعي تي اسپيڪر اويس قادر شاهه طنزيه انداز ۾ چيو ته جيڪڏهن اوهان جي ڪرسي ۾ ڪو مسئلو آهي ته ڪرسي تبديل ڪرائي ڏيان ٿو، اوهان ويهي رهو ۽ سوالن جو وقفو هلڻ ڏيو، ڇاڪاڻ ته سڄو ايوان ۽ سڄو سنڌ اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي آهي.
اسپيڪر جي رمارڪس تي طحٰه احمد ۽ ٻين ايم ڪيو ايم ميمبرن سخت احتجاج ۽ نعريبازي شروع ڪري ڇڏي.
ايم ڪيو ايم ميمبرن موقف اختيار ڪيو ته سنڌ اسيمبلي جي هن ايوان کي وڏيرن جي اوطاق سمجهي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اهڙو غير جمهوري رويو هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته شهري سنڌ جي پٽن کي متعصب حڪمرانن کان سوال ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
طحٰه احمد حڪمرانن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان علحدگي پسندن جي حمايت ڪندا آهيو، جڏهن ته اسان پاڪستان جي حق ۾ بيهڻ جو حلف کنيو آهي ۽ اسان طرفان پيش ڪيل ٺهراءُ پڻ پاڪستان جي حمايت ۾ هو.
هن الزام لڳايو ته حڪمرانن هميشه علحدگي پسندن ۽ ”سنڌو ديش“ جي سهولتڪاري ڪئي آهي، تنهن ڪري کين واضح ڪرڻ گهرجي ته هو ان جي حق ۾ آهن يا مخالفت ۾.
طحٰه احمد وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وڏي وزير طرفان مُڪو لهرائي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، پر ”اسان نصيرالله بابر ۽ ذوالفقار مرزا جهڙن ماڻهن کان نه ڊناسين ته هنن ٻارن کان ڇا ڊڄنداسين.“
نصيرالله بابر ۽ ذوالفقار مرزا کان نه ڊناسين ته ٻارن کان ڇا ڊڄنداسين، ايم ڪيو ايم اڳواڻ جو سنڌ جي وڏي وزير کي جواب
You might also like