”عزت عورت جي زندگيءَ کان وڌيڪ اهم ڇو؟“ سوارا ڀاسڪر جي ”جوهر“ واري رسم بابت بيان تي ڀارت ۾ ٻڙڌڪ

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلمساز سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”پدماوت“ کي رليز ٿئي لڳ ڀڳ 8 سال گذري چڪا آهن، پر فلم جو سڀ کان وڌيڪ تڪراري ۽ جذباتي منظر ”جوهر“ اڄ به بحث جو موضوع بڻيل آهي.
ان جو تازو ثبوت اداڪارا سوارا ڀاسڪر جو ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ڏنل بيان آهي.
سوارا ڀاسڪر دهلي جي انڊيا انٽرنيشنل سينٽر ۾ هڪ تقريب دوران ”پدماوت“ ۾ جوهر جي منظر تي پنهنجو پراڻو موقف ورجايو، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي بحث ڇڙي پيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، ڪجهه ماڻهن سوارا جي بيان کي تاريخ جي توهين قرار ڏنو، جڏهن ته سندس حامين جو چوڻ هو ته اصل سوال تاريخ کي رد ڪرڻ نه، پر عورت جي جسم، عزت ۽ زندگي بابت موجود سماجي تصورن تي غور ڪرڻ آهي.
سوارا ڀاسڪر تقريب دوران بنيادي طور اِهو سوال اٿاريو ته جيڪڏهن ڪا عورت جنسي تشدد جو شڪار ٿي هجي ته ”پدماوت“ ۾ جوهر جو منظر ڏسي سندس ذهن تي ڪهڙو اثر پئجي سگهي ٿو؟
رپورٽ موجب، سوارا دليل ڏيندي چيو ته ڇا اهڙي عورت زندگي کان بيزار ٿي سگهي ٿي يا پاڻ کي ڪمزور يا بزدل محسوس ڪري سگهي ٿي؟
سوارا جي نظر ۾ مسئلو جوهر ڪندڙ عورتن جي توهين نه، پر ان تصور سان بابت آهي، جنهن ۾ عورت جي ”عزت“ کي سندس زندگي کان وڌيڪ اهم ڄاتو وڃي ٿو.
سوشل ميڊيا تي بيان وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوارا ڀاسڪر کي سخت تنقيد ۽ ٽرولنگ کي منهن ڏيڻو پيو، جنهن تي کيس وضاحت پڻ ڏيڻي پئي ته سندس بيان جي غلط تشريح ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اين ايڇ آر سي جي ميمبر پريانڪ ڪانونگو اداڪارا سوارا ڀاسڪر خلاف ”پدماوت“ ۾ جوهر واري منظر بابت ڏنل سندس رمارڪس تي داخل شڪايت جي بنياد تي پوليس کي ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.
شڪايت ڪندڙن جو الزام آهي ته سندس رمارڪس اسلام پسند حملي آورن جي واکاڻ ۽ ”ماتا پدماوتي“ سميت عورتن جي وقار جي توهين جي زمري ۾ اچن ٿا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، نقادن جو چوڻ هو ته سوارا ڀاسڪر جوهر کي اڄ جي دور جي اخلاقي معيارن سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان عمل کي ان دور جي جنگي ۽ سياسي حالتن جي تناظر ۾ سمجهڻ گهرجي.
ٻئي پاسي ڪيئي واهپيدارن جو چوڻ هو ته جوهر انتهائي خوفناڪ حالتن ۾ عورتن جي مزاحمت ۽ خودمختياري جو اظهار هو.
سوارا ڀاسڪر تنقيد جو جواب ڏيندي چيو ته جنسي تشدد جو شڪار عورتن کي زنده رهڻ جو مڪمل حق آهي ۽ سندس موقف کي غلط معنيٰ ڏني پئي وڃي.
سوارا جو چوڻ هو ته هن نه ته راڻي پدماوتي کي بزدل قرار ڏنو ۽ نه ئي جوهر ڪندڙ عورتن جي توهين ڪئي.
سندس چوڻ هو ته هن ڳالهه جو مقصد رڳو فلم جي ان پيغام تي سوال اٿارڻ هو، جيڪو ”عزت“ ۽ جنسي تشدد وچ ۾ هڪ مخصوص تعلق قائم ڪري سگهي ٿو.
هن چيو ته سندس ڳالهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو.
جوهر ڇا آهي ۽ ڀارتي تاريخ ۾ ان جي حقيقت ڇا آهي؟
’انسائيڪلوپيڊيا بريٽانيڪا موجب، جوهر بنيادي طور باهه ۾ ٽپي اجتماعي طور جان ڏيڻ جي هڪ اهڙي رسم هئي، جنهن جو تعلق خاص طور راجپوتانا جي جنگي تاريخ سان جوڙيو وڃي ٿو.
جڏهن ڪنهن قلعي جو زوال يقيني ٿي ويندو هو ۽ شڪست کاڌل ڌر کي اهو ڊپ هوندو هو ته فاتح فوج عورتن کي قيد ڪندي، انهن سان جنسي تشدد ڪندي يا کين غلام بڻائيندي ته ڪجهه موقعن تي عورتون اجتماعي طور باهه ۾ ٽپي پنهنجي جان ڏئي ڇڏينديون هيون.
ان کانپوءِ مرد اڪثر”ساڪا“ ڪندا هئا، يعني زعفراني لباس پائي موت تائين جنگ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لهندا هئا.
راجسٿان جي تاريخ ۾ چتوڙ ڳڙهه جو نالو جوهر جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ ورتو وڃي ٿو.
روايت موجب، چتوڙ ۾ مختلف دورن دوران جوهر جا واقعا پيش آيا، جن مان علاءُالدين خلجي جي حملي سان لاڳاپيل واقعو سڀ کان وڌيڪ مشهور آهي.
اهو ئي واقعو راڻي پدماوتي يا پدمڻي جي داستان سان جوڙيو وڃي ٿو.
بهرحال، هتي تاريخ ۽ داستان وچ ۾ فرق سمجهڻ پڻ ضروري آهي.
راڻي پدماوتي جي سڀ کان مشهور ڪهاڻي صوفي شاعر ملڪ محمد جائسي جي مثنوي ”پدماوت“ مان ملي ٿي، جيڪا علاءُالدين خلجي جي دور کان لڳ ڀڳ ٻه صديون پوءِ لکي وئي هئي.
ان ڪري جديد مورخ پدماوتي جي داستان کي خالص تاريخي واقعي بدران ادب، روايت ۽ تاريخ جي پيچيده امتزاج طور ڏسن ٿا.
اهو ئي سبب آهي جو”پدماوت“ جهڙيون فلمون جڏهن هن قصي کي پردي تي آڻين ٿيون ته تاريخ، عقيدت، روايت ۽ تخيل هڪ ٻئي ۾ ملي وڃن ٿا.
جوهر جي تاريخ کي رڳو ”بهادري“يا رڳو ”ظلم“ جي ٻن پاسن ۾ محدود ڪري ڏسڻ شايد درست نه هجي.
هڪ پاسي جنگي دور ۾ عورتن سامهون قيد، غلامي ۽ جنسي تشدد جو حقيقي خطرو موجود ٿي سگهي ٿو ته ٻئي طرف اهو سوال به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ڇا عورت لاءِ زنده رهڻ کي واقعي بي عزتي سمجهڻ گهرجي؟
اهو ئي بنيادي سوال آهي، جنهن سوارا ڀاسڪر جي بيان کي ايترو تڪراري بڻائي ڇڏيو آهي.
سندس مخالفن جو چوڻ آهي ته هوءَ صدين پراڻي واقعي کي جديد نظرين جي عينڪ سان ڏسي رهي آهي، جڏهن ته سندس حامين جو موقف آهي ته تاريخ تي سوال اٿارڻ ئي موجوده سماجي تصورن کي سمجهڻ ۾ مدد ڏئي ٿو.

You might also like