حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سرڪٽ ڪورٽ حيدرآباد، دادو ضلعي جيل ۾ قيد پشتون اڳواڻ ۽ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير خلاف وڌيڪ ايف آءِ آرز داخل ٿيڻ واري معاملي تي پوليس کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
عدالت پوليس اختيارين کي هدايت ڪئي ته علي وزير خلاف التوا هيٺ ڪيسن ۽ ايف آءِ آرز جو مڪمل انگ عدالت کي ٻڌايو وڃي، جڏهن ته قيد دوران جيڪڏهن سندس خلاف وڌيڪ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ته انهن جو رڪارڊ پڻ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 سيپٽمبر 2026ع تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ياد رهي ته پشتون تحفظ موومينٽ (پي ٽي ايم) سان لاڳاپيل اڳوڻي ايم اين اي علي وزير کي مارچ 2026ع ۾ سکر جيل مان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو هو، پر آزادي کان ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ئي پوليس کيس بغاوت جي هڪ ٻئي ڪيس ۾ ٻيهر گرفتار ڪري ورتو هو.
بعد ۾ مقامي عدالت کيس دادو ضلعي جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جتي هو هن وقت قيد آهي.
واضح رهي ته علي وزير کي ڊسمبر 2020ع ۾ گرفتار ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ سندس خلاف چار ڪيس داخل ٿي چڪا آهن.
دادوءَ ۾ قيد علي وزير خلاف ڪيترا ڪيس آهن؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ پوليس کان جواب گهري ورتو
You might also like