اسرائيل جو بيت المقدس ۾ برطانوي قونصل خانو بند ڪرڻ ۽ 12 شهرين جي داخلا تي به پابندي جو اعلان

بيت المقدس (ويب ڊيسڪ) برطانيا طرفان اولهه ڪناري ۾ اسرائيلي آبادين تي پابندين جي اعلان کانپوءِ اسرائيل جوابي قدمن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته يروشلم ۾ قائم برطانوي قونصل خانو به بند ڪيو ويندو.
اڱاري ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي اسرائيلي پرڏيهي وزير گيڊيون ساعر چيو ته اسرائيل يروشلم ۾ برطانيا جو قونصل خانو بند ڪري ڇڏيندو.
برطانوي حڪومت موجب، يروشلم ۾ برطانيا جو قونصل جنرل يروشلم، اولهه ڪناري ۽ غزا ۾ برطانوي حڪومت جي نمائندگي ڪري ٿو ۽ برطانيا ۽ فلسطين وچ ۾ سياسي، واپاري، سيڪيورٽي ۽ اقتصادي مفادن بابت ڪم ڪري ٿو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير برطانوي حڪومت طرفان اعلانيل پابندين جي جواب ۾ اسرائيلي جوابي قدمن جي هڪ سلسلي جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته اهي قدم ليبر حڪومت جي اسرائيل مخالف فيصلن جي هڪ سلسلي کانپوءِ کنيا پيا وڃن.
هن برطانوي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ تي ”بي بنياد ۽ چڙ ڏياريندڙ ڪوڙ“ ڳالهائڻ جو الزام پڻ لڳايو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير الزام لڳايو ته ليبر حڪومت منظم طريقي سان اسرائيلي رياست خلاف ڪم ڪري رهي آهي.
يروشلم ۾ برطانوي قونصل خانو بند ڪرڻ کانسواءِ اسرائيل برطانيا خلاف هيٺيان جوابي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو آهي:
ڏکڻ اسرائيل جي شهر ڪريات جات ۾ قائم انٽرنيشنل غزا سپورٽ سينٽر مان برطانوي نمائندن کي هٽايو ويندو.
رام الله ۾ قائم برٽش سپورٽ ٽيم تحت فلسطيني اٿارٽي جي سيڪيورٽي فورسز کي ڏني ويندڙ برطانوي تربيتي سرگرميون ختم ڪيون وينديون. اسرائيلي حڪومت اولهه ڪناري کي ”يهوديا ۽ سامريا“ جي نالي سان سڏي ٿي.
12 چونڊيل برطانوي نمائندن ۽ ٻين برطانوي شهرين جي اسرائيل ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ويندي.
ساعر موجب، اها پابندي انهن ماڻهن مٿان لاڳو ڪئي ويندي، جيڪي يهود مخالف يا اسرائيل مخالف سرگرمين ۾ ملوث آهن يا جيڪي اسرائيلي رياست جي وجود کان ئي انڪار ڪن ٿا.
ياد رهي ته برطانيا جي پرڏيهي وزير ايڊ ملي بينڊ غيرقانوني طور والاريل اولهه ڪناري ۾ قائم اسرائيلي آبادين مان ايندڙ شين جي درآمد تي پابندي سميت ڪيترن ئي قدمن جو اعلان ڪيو هو.

You might also like